تڪراري بيانن سبب خبرن ۾ رهندڙ مفتي قوي حيران ڪندڙ دعويٰ ڪئي آهي ته مان بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور سان نڪاح ڪيو هو ۽ هوءَ منهنجي زال رهي آهي.
مفتي قوي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته مان جواني کان ئي خوبصورت رهيو آهيان، ڪيترائي سال اڳ مون کي سيٺ شاهد جي نالي سان سڏيو ويندو هو، منهنجا دبئي ۽ ڀارت جي ڪاروباري شخصيتن ۽ عالمن سان رابطا هئا.
هن دعويٰ ڪئي ته ڪرينا ڪپور سان منهنجو شروعاتي تعلق 1996 ۾ ٿيو، جڏهن ته اداڪارا جي عمر 21 کان 23 سال هوندي ۽ اهو تعلق 1999 ۾ گهرو بڻجي ويو.
سندس چوڻ هو ته هندن وٽ به الهامي ڪتاب آهي ۽ مسلمان هندو عورتن سان نڪاح ڪري سگهن ٿا، مان به ڪرينا ڪپور سان نڪاح ڪيو هو، هوءَ منهنجي زال رهي آهي.
مفتي قوي چيو ته شايد ڪرينا سيٺ شاهد جي نالي مان متاثر ٿي ۽ ان وقت هوءَ ايڏي وڏي اداڪارا نه هئي، تنهن ڪري نڪاح ٿي ويو.
توڙي جو مفتي قوي دعويٰ ڪئي ته ڪرينا ڪپور سندس گهرواري رهي آهي پر هن اهو نه ٻڌايو ته طلاق ڪڏهن ٿي؟
You might also like