وشاڪاپٽنم (ويب ڊيسڪ) ڀارت ٽِين ۽ فيصلائتي ون ڊي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 9 وڪيٽن سان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.
وشاڪاپٽنم ۾ کيڏيل ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ ڀارتي ڪپتان ڪي ايل راهول ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
واضح رهي ته ڀارت 2023 واري ورلڊ ڪپ ۽ 752 ڏينهن کانپوءِ پهريون ڀيرو ون ڊي ميچ ۾ ٽاس کٽي هئي.
ڏکڻ آفريڪا پهريان بيٽنگ ڪندي 48 هين اوور ۾ 270 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
اوپنر ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ 106 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪپتان ٽيمبا باووما 48، ڊيولڊ بريوس 29، ميٿيو بريزڪي 24 رنسون ٺاهيون. مارڪو ينيسن 17 ۽ ڪيشو مهاراج 20 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو.
ڀارت لاءِ ڪُلديپ يادَو ۽ پراسيڌ ڪرشنا 4، 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته رويندر جاڙيجا ۽ ارشديپ سنگهه جي حصي ۾ هڪ، هڪ وڪيٽ آئي.
ڀارت، 271 رنسن جو هدف 38 هين اوور ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
اوپنر يشسوي جئسوال هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ پهرين سينچري اسڪوئر ڪئي، هو 116 ۽ ويرات ڪوهلي 65 رنسون ٺاهي ناقابلِ شڪست رهيا.
ڀارت جي واحد وڪيٽ روهت شرما جي صورت ۾ ڪِري، جيڪو 75 رنس ٺاهڻ کانپوءِ ڪيشو مهاراج جي بال تي بريزڪي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو.
يشسوي جئسوال کي شاندار سينچري تي ميچ ۽ ويرات ڪوهلي کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
ڪُلديپ جي جادوءَ بعد جئسوال جي سينچري، ڀارت ٽِين ون ڊي ۾ ڏکڻ آفريڪا کي مات ڏئي سيريز کٽي ورتي
You might also like