پي ٽي آءِ جن سان ڳالهيون چاهي ٿي، اهي ڳالهائڻ نٿا چاهين: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پي ٽي آءِ قيادت اسان سان ڳالهين لاءِ تيار ناهي ۽ هو جن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهن اُهي هنن سان ڳالهائڻ نٿا چاهين. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي راڻاءُ ثناءُ الله چيو ته وزيراعظم  ٻه دفعا ايوان ۾ مخالف ڌر کي ڳالهين جو چيو ۽ دعوت ڏني، وزيراعظم چيو ته ميثاق استحڪام پاڪستان تي اتفاق ڪريو پر پي ٽي آءِ قيادت اسان سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، هو جن سان ڳالهين لاءِ تيار آهن اُهي هنن سان ڳالهائڻ نٿا چاهين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.