شڪارپور ۾ انتظاميا جي نااهلي سبب ٻارڙي کليل گٽر ۾ ڪري پئي، امڙ جون دانهون

شڪارپور (رپورٽ: زاھد سنجراڻي) شڪارپور ۾ ميونسپل چئيرمين فياض محمود شيخ جي نا اھلي سبب نواب خان واري علائقي  ۾ کليل گٽر ۾ پنجن سالن جي ٻارڙي ڪري پئي، امڙ جي دانھن تي علائقي واسين ننيگري کي گٽر مان ڪڍي بچائي ورتو، ميونسپل ڪاميٽي ۾ ڪروڙين روپين جي بجيٽ باوجود شھر جي اڪثر علائقن ۾ گٽرن مٿان ڍڪ ناهن ڏنل، ڪڙي نواب خان واري علائقي ۾ پنجن سالن جي معصوم نياڻي ميمونا کليل گٽر ڪري پئي، نينگري جي امڙ جي رڙين تي مقامي ماڻھن نينگري کي گٽر مان ڪڍي کيس بچائي ورتو، علائقي واسين موجب ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا کي بار بار دانھن ڏني ته اسان جي علائقي جي مک رستن تي گٽر کليل آھن انھن تي ڍڪ لڳائي گٽر بند ڪيا وڃن پر ميونسپل انتظاميا ڪجھه به ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي، سالن کان گٽ کليل آهن، جڏهن ته ان حوالي سان ميونسپل چئيرمين توڙي چيف ميونسپل آفيسر سان رابطو ڪيو ويو جنھن سان رابطو نه ٿي سگھيو، شھر جي مک روڊن توڙي رستن تي گٽرن کي ڍڪ لڳل ناهن، سنجراڻي پاڙي، نيو فوجداري روڊ، قله قافلا  ھاٿيدر سوي در سميت شھر جي اڪثريت آبادي وارن علائقن ۾ گٽر کليل آهن، معصوم ٻارن ۽ پيرسن عورتن جو گٽرن ۾ ڪرڻ معمول بڻيل آهي، ٻئي پاسي سومرا ھاوس جي ترجمان رضوان سومرو عوامي آواز پاران رابطي ڪرڻ تي چيو ته ميونسپل ڪاميٽي جي بجيٽ بنگلن تي خرچ ڪئي پئي وڃي شھر ۾ نه صفائي  نه ئي عملو ڪم ڪري ٿو شھر جي روڊ رستن تي ماڻھو جو ھلڻ مشڪل بڻجي ويو آھي ڪروڙين روپين جي بجيٽ باوجود مين ھولن تي ڍڪڻا ناھن جنھن ڪري پھريان به ھڪ پورھيت جو ٻار ٺارو پور واري علاقي ۾ ٻڏي فوت ٿي چڪو آهي.

گٽرن جي جلد مرمت کي يقيني بڻايو وڃي:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (پ ر) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب تازو پيش آيل المناڪ واقعي کان پوءِ بلديه عظميٰ ڪراچي کي سخت حڪم جاري  ڪيو آهي ته شهر جي هر علائقي ۾ کليل گٽرن جي نشاندهي، مرمت ۽ محفوظ ڍڪ لڳائڻ لاءِ فوري ۽ هنگامي بنيادن تي آپريشن شروع ڪيو وڃي، هن چيو ته شهرين جي حفاظت پهرين ترجيح آهي، تنهن ڪري هن مهم ۾ شهر جي سڀني ٽائونز ۽ علائقن کي بنا ڪنهن ڇوٽ شامل ڪيو وڃي، ميئر بلديه عظميٰ ڪراچي جي هيڊ ڪوارٽر ۾ هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪراچي واٽر اينڊ سيويريڄ ڪارپوريشن کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي 1000 مين هولز ڪي ايم سي جي سٽي وارڊن ڊپارٽمينٽ ۽ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ حوالي ڪيا وڃن، ته جيئن انهن جي هنگامي مرمت ۽ محفوظ ڍڪ لڳائڻ جو ڪم شروع ٿي سگهي، هن چيو ته ڪم ۾ ڪنهن به قسم جي دير نه ڪئي وڃي ۽ نشاندهي ڪيل سڀئي مين هولز فوري طور محفوظ بڻايا وڃن ته جيئن ڪنهن ممڪن حادثي کان بچي سگهجي.

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ کليل گٽرن مٿان ڍڪ نه لڳي سگهيا

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ کليل گٽرن مٿان ڍڪ نه لڳي سگهيا، شهرين طرفان کليل گٽر هجڻ تي انتظاميا تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ شهرين  طرفان ميونسپل ۽ ٻين ادارن کي ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي، نيپا چورنگي واقعي کان پوءِ بلديه ٽائون ۽ منگهو پير ۾ به ٻارڙين جي کليل گٽرن ۾ ڪرڻ جا واقعا پيش اچي چڪا پر انتظاميه صرف بيانن تائين محدود آهي، نجي ٽي وي چينلز ۽ ويبسائٽس جي رپورٽن موجب ميٽروپول شهر ۾ سيوريج ۾ ماڻهن جي ڪرڻ جا واقعا انتهائي عام آهن،  2023ع ۽ 2025 ۾ کليل گٽرن ۾ ڪرڻ سبب ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون.

مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ سائيڪل سوار ٻارڙو حادثي کان بچي ويو

کوکراپار (رپورٽ:عنايت قمبراڻي) ڊپٽي ميئر جي يوسي مراد ميمڻ ملير ۾ گٽرن جا ڍڪَ غائب ٿيڻ، سائيڪل سوار ٻارڙو وڏي حادثي کان ذري گهٽ بچي ويو، ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان مراد جي ملير جي يوسي مراد ميمڻ  جي سومار ڪنڊاڻي ڳوٺ ۾ ٿڌو نديءَ جي پل ڀرسان مڪي مسجد جي  سامهون گٽر جو ڍڪَ نه هجڻ ڪري سائيڪل هلائيندڙ معصوم ٻارڙي جي سائيڪل جو ڦيٿو کليل مين هول ۾ ڦاسي پيو، پر خوش قسمتيءَ سان ٻارڙي جي جان بچي وئي، واضح رهي ته ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا ميمڻ ڳوٺ يوسي جي حدن اندر معصوم ٻارڙا کليل مين هولن ۾ ڪري جان وڃائي چڪا آهن، مائرن جون هنجون اجڙي ويون آهن پر ان باوجود بلدياتي انتظاميا هر وڏي حادثي کان پوءِ صرف رسمي معافي تلافي ڪري ٻي ڪنهن وڏي حادثي جي منتظر رهندي آهي، جڏهن ته پنهنجون ذميواريون پوريون نه ٿيون ڪيون وڃن.

انتظاميا جي لاپرواهي: ڪراچي ۾ وڌيڪ هڪ ٻارڙي کليل گٽر ۾ ڪري پئي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ نيپا واقعي کان پوءِ ادارن سبق حاصل نه ڪيو، شهر ۾ کليل گٽر ۾ ٻارڙي ڪرڻ جو وڌيڪ هڪ ٻيو واقعو پيش آيو، منگهوپير ٿاڻي جي حدن گرم چشمي يونين ڪميٽي نمبر 2 ۾ هڪ خانگي اسڪول جي پهرين جماعت جي شاگردياڻي کليل گٽر ۾ ڪري پئي، جڏهن ته اتان گذرندڙ هڪ واٽهڙو شھري فوري طور تي ٻارڙي کي ٻاهر ڪڍي  جان بچائي ورتي، ٻارڙي جي سڃاڻپ عنايه امين طور ڪئي وئي، ذريعن موجب گٽر جي کوٽائي لڳ ڀڳ 4 کان 5 فوٽ ٻڌائي وڃي ٿي، جڏهن ته ان ۾ پاڻي جو وهڪرو تمام گهٽ هو، ٻارڙي ٻين شاگردياڻين سان گڏ اسڪول کان گھر وڃي رهي هئي ته اسڪول جي در ٻاهران ئي کليل گٽر ۾ ڪري پئي، واقعي کان پوءِ  ٻارڙي جا والدين  خانگي اسڪول پهتا، پوليس به موقعي تي پهتي، ايس ايڇ او منگهوپير زبير نواز موجب علائقي ۾ ڪيترن ئي گٽرن مٿان ڍڪ ناهن ڏنل، جڏهن ته واقعو سامهون اچڻ کان پوءِ ٽائون چيئرمين نواز بروهي کي به گهرايو ويو، ٽائون چيئرمين چيو ته گٽرن جا ڍڪ هن يوسي چيئرمين حوالي ڪيا هئا، پر ڇو نه لڳايا ويا، ان بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.