هڪ ذهني مريض پاڪستان جي قومي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان کان وڏو ڪو ناهي ، هڪ شخص جون خواهشون ان حد تائين وڌي چڪيون آهن جو هو چوي ٿو ”مان نه ته ڪجهه به نه“.
ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چوڌري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته چيف آف ڊفينس فورسز جي مقرري تي سڀني کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، چيف آف ڊفينس فورسز هيڊڪوارٽر جو آغاز ٿي چڪو آهي، چيف آف ڊفينس فورسز هيڊ ڪوارٽر جي ڊگهي گهڻي عرصي کان ضرورت هئي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پريس ڪانفرنس جو مقصد اندروني طور موجود قومي سلامتي خطري بابت آگاهه ڪرڻ آهي، رياست کان وڌيڪ ڪو به ناهي، هڪ شخص جي ذات ۽ خواهشون ايتريون وڌي ويون آهن جو هو چوي ٿو ”مان نه ته ڪجهه نه“.
هن چيو ته سياست هاڻي ختم ٿي چڪي آهي، اهو همراهه هاڻي نيشل سڪيورٽي ٿريٽ بڻجي چڪو آهي ۽ ٻاهرين عنصرن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي.
احمد شريف چوڌري چيو ته اسان پاڪستان جي هٿياربند فوج آهيون ۽ ڪنهن سياسي سوچ جو اولڙو ناهيون، جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي سوچ تحت پاڪ فوج تي حملو ڪندو ته اسان به جواب ڏينداسين، اسان سياسي قيادت جو احترام ڪريون ٿا پر فوج کي پنهنجي سياست کان پري رکو، ڪنهن کي به پاڪستاني فوجن ۽ عوام جي وچ ۾ ڏار وجهڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
اسان اشرافيا مان نه پر وچولي يا هيٺين وچولي طبقي مان آهيون، جيڪڏهن ڪو شخص آرمڊ فورسز يا ان جي قيادت تي حملو ڪندو ته اهو برداشت نه ڪيو ويندو، سڀني سياسي شخصيتن ۽ جماعتن جو احترام آهي، توهان پنهنجي سياست ڪريو پر فوج کي ان کان پري رکو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته فوج بابت تعميري راءِ يا آبزرويشن ٿي سگهي ٿي پر فوج خلاف ماڻهن کي ورغلائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. جيڪڏهن ڪو پنهنجي فوج يا قيادت تي حملو ڪري ٿو ته ڇا اهو ڪنهن ٻي فوج لاءِ جاءِ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو؟ اهو شخص هر ملاقات ۾ رياست ۽ فوج خلاف بيان ڏئي ٿو، اهو بيان آئين، قانون ۽ ضابطن جي ابتڙ آهي.
هن چيو ته اها ئي فوج خارجي دهشتگردن ۽ عوام جي وچ ۾ رنڊڪ بڻيل آهي، دنيا جي هر ملڪ ۾ هڪ فوج هوندي آهي، هي ڪهڙو آئين ۽ قانون آهي جنهن تحت توهان هڪ ڏوهاري سا ملو ٿا ۽ هو فوج ۽ ان جي قيادت خلاف بيانيو گهڙي ٿو؟ سندس پارٽي کان پڇو ته چون ٿا اسان کي خبر ناهي بيان ڪٿان هلي ٿو.
ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته آرٽيڪل 19 تحت اظهار آزادي آهي پر ان جون به ڪجهه حدون آهن، آرٽيڪل 19 ملڪ ۽ قومي سلامتي خلاف ڳالهائڻ جي اجازت نٿو ڏئي.
هن چيو ته هڪ ذهني مريض ٽوئيٽ ذريعي اصل بيانيو ڏئي ٿو ۽ ڀارتي ميڊيا سندس بيانن کي هلائي ٿي، ڀارتي ميڊيا خوشي سان پاڪ فوج جي سپهه سالار خلاف خبرون هلائي رهي آهي.
هن چيو ته ٽوئيٽ کانپوءِ ٽرول اڪائونٽ ظاهر ٿين ٿا جيڪي سڀ ٻاهرين ملڪن ۾ ويٺل آهن، هڪ منظم طريقي سان مهم هلائي وڃي ٿي، افغان سوشل ميڊيا ۽ ڪجهه عالمي ميڊيا به شامل ٿي وڃي ٿي.
هن چيو ته اهو شخص چوي ٿو ته سندس پارٽي جو ڪو به ماڻهو اين ڊي يو ويو ته غدار آهي، يعني سندس منطق مطابق جيڪو به آءِ ايس پي آر وڃي اُهو غدار آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ”توهان آهيو ڪير؟ ۽ ڪنهن جي ٻولي ڳالهائي رهيا آهيو؟، پنهنجو پاڻ کي ڇا ٿو سمجهين؟ “ هن چيو ته هن شخص جون ذهني بيماريون اڳ به نظر اچي چڪيون آهن، پهريان 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو تي حملو ڪرايو، پوءِ هر مخالف کي غدار قرار ڏنو، هو سمجهي ٿو ته سمورو علم هن وٽ آهي ۽ ٻيا سڀ غلط آهن، هن لاءِ سياست جي تعريف اها آهي ته جيڪڏهن هو اقتدار ۾ هجي ته جمهوريت، نه ته آمريت آهي،بار بار ٽوئيٽ ۾ شيخ مجيب الرحمان جا مثال ڏئي ٿو.
هن چيو ته ”توهان وٽ هڪ صوبو آهي، ان تي ڇو نٿا ڳالهايو؟ ملڪ جا اصل مسئلا ڇو نه ٿا کڻي اچو؟، اسان بار بار چئي رهيا آهيون اسان کي ان معاملي کان پري رکو.
سندس چوڻ هو ته چيف آف ڊفينس فورسز جي نوٽيفڪيشن تي منظم پروپيگنڊا ڪئي وئي، ڇا اها اظهار جي آزادي آهي؟، اِها ڪهڙي سياست آهي، اصل معاملن تي ڌيان هٽائڻ لاءِ فوج جي هڪ هڪ خبر تي پروپيگينڊا ڪئي وئي، خبر نٿي پئي هنن جي دماغ ۾ اهڙا خيال اچن ڪٿان ٿا؟
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اهو شخص چاهي ٿو ته انهن خارجين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي جيڪي اسان جي ٻارن ۽ سپاهين کي شهيد ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن ڀارت حملو ڪري ها ته هو ڳالهين لاءِ هٿ ۾ ڪستو کڻي نڪري پوي ها.
هن چيو ته هي شخص ماڻهن کي آپريشنز خلاف ڀڙڪائي ٿو، عوام کي چوي ٿو ته هنگامو ڪريو، اسان ڪليئر آهيون ته سندس سياست رياست مٿانهين آهي.
هن چيو ته هو هڪ ذهني مريض آهي، هي هڪ ٽيرر ڪرائم نيڪسس آهي، جنهن ۾ منشيات، نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون، ڀنگ عيوض اغوا ۽ ٻيون غيرقانوني سرگرميون شامل آهن.
هن وڌيڪ چيو ته رياست کان سواءِ اسان جي ڪا سڃاڻپ آهي نه اوقات نه ئي سياست، هن سڄي نيٽ ورڪ ۾ وڏا معاشي مفاد جڙيل آهن. جيڪو به هن نيڪسس جي خلاف بيهندو، ان تي حملو ڪرايو ويندو، ڪير اِهو نه چوي ته توهان 12، 13 سالن کان اقتدار ۾ آهي، گورننس ڪٿي آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته اسان کي ڏينهن جي روشني وانگر چٽو نظر اچي رهيو آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي، ڇو ٿي رهيو آهي ۽ ڪير ڪرائي رهيو آهي.
هن چيو ته ڪوڙ ۽ فريب جو هي ڪاروبار نه هلندو، ان جي اجازت نه ڏني ويندي، اسان هن رياست جي تحفظ جي قسم کنيو آهي، جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته سندس ذات ملڪ ۽ رياست کان وڏي آهي ته هو غلط آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اسان حق تي آهيون ۽ حق تي رهنداسين، هي صبح جو اٿن ٿا ۽ فوج بابت ڳالهائين ٿا، کين هڪ ”مينٽل ايڪو سسٽم“ ۾ رکيو ويو آهي، جتي هنن جي سڄي سياست فوج جي چوڌاري ڦري ٿي، هي ته چوندا هئا ته فوج وڙهي نٿي سگهي، فوج وڙهي ڏيکاريو يا نه؟ هنن ته اهو به ٻڌايو هو ته ملڪ ڊيفالٽ ڪرڻ وارو آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ”ڪتو ڀونڪندو آهي، ان بابت پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي“، رياست اسان کان مٿانهين آهي، اسان سياستدان ناهيون،. وقتي حڪومت سپريم هوندي آهي، رياست فوج نه آهي، حڪومت رياست هوندي آهي، فوج هڪ ادارو آهي. جيستائين پاڪستان آهي، پاڪستان ابد تائين رهندو، پاڪستاني فوج به رهندي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته گورنر راڄ حڪومت جو فيصلو آهي، اهو حڪومت ئي ڪندي، پنهنجن ٻارن جن کي ٻاهرين ملڪ ۾ رهايون پيا آهيو انهن کي پاڪ فوج ۾ ڀرتي ڪرايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.