پيپلز پارٽي شهرين کي مفت ۽ معياري صحت جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) چيئرمين ۽ اڳوڻو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي شهرين کي مفت ۽ معياري علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي.
ڪراچي ۾ اين آءِ سي وي ڊي جي نئين او پي ڊي بلاڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مٺي، سيوهڻ ۽ شهيد بينظير آباد ۾ اين آءِ سي وي ڊي جا مرڪز قائم آهن.
هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي دل جي علاج لاءِ دنيا جو سڀ کان وڏو نيٽورڪ بڻجي چڪو آهي ۽ پيپلز پارٽي شهريَن کي اعليٰ معيار جون صحت سهولتون مفت فراهم ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته مالي وسيلا صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ غلطي نه هئي، ان جو بهترين مثال اين آءِ سي وي ڊي آهي. اسان ثابت ڪيو آهي ته ادارن کي وفاق کان وڌيڪ بهتر طريقي سان هلائي سگهون ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته اين آءِ سي وي ڊي ۾ عالمي معيار موجب شهرين جو علاج ڪيو وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.