چين جو مظلوم فلسطينين لاءِ وڏو اعلان

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين فلسطين ۾ انساني بحران ختم ڪرڻ ۽ خوراڪ جي کوٽ واري صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ فلسطين کي هڪ سئو ملين آمريڪي ڊالرز جي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پرڏيهي خبر اداري موجب، چيني صدر شي جنگ پنگ جي هن امداد تي فلسطيني صدر محمود عباس دل جي گهراين سان ٿورا مڃيا ۽ چيو ته چيني صدر جو دل سان ڪيل عطيو ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ مضبوط دوستي ۽ انصاف لاءِ چين جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.
رپورٽ موجب، صدر محمود عباس عالمي فورمز تي فلسطين جي حمايت لاءِ چين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ زور ڏنو ته فلسطين بين الاقوامي قانون جي بنياد تي منصفاڻي گڏيل امن لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.