ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)اينڪر وسيم بادامي پروگرام ۾ سينيٽر فيصل واوڊا کي ڌوئي ڇڏيو،پروگرام جو ڪلپ سوشل ميڊيا تي گهڻو وائرل آهي،وسيم بادامي فيصل واوڊا کي مخاطب ٿيندي چيو ته پي ٽي آءِ هڪ ردعمل نه ٽوئيٽ نه باقاعده هڪ پيراگراف نه توهان جي ٽوئيٽ جي ردعمل ۾ توهان جي باري ۾ تمام ڊگهي تقرير ڪئي آهي جيڪا مڪمل طور ته پڙهڻ کان هتي ته قاصر آهيان پر ڪجهه عرصو پڙهي سگهان ٿو جنهن ۾ هڪ سياسي جماعت هڪ انفرادي شخص جي باري ۾ ردعمل ڏئي رهي آهي ان چيو ته پاڪستاني عوام بي نامي جائيدادون ٻڌيون هونديون،بي نامي اڪائونٽس ڏٺا هوندا،بي نامي ڏيتي ليتي به ڏٺي هوندي پر ملڪ جي سياسي ڪٻاڙخاني مان گذريل ڪجه عرصي ۾ هڪ نئون تماشو نڪتو آهي،اهو آهي”بي نامي سينيٽر“هي اهو ئي شخص آهي جيڪو هر وقت ڦاٽل مائيڪ وانگرگوڙ ڪندو رهندو آهي جنهن جي پوري سياست رڳو غيرمهذب زبان،ڌمڪين ۽ بازاري جملن تي بيٺل آهي،هن بي نامي سينيٽر جيڪا گندي، گهٽيا ۽ لچر زباني استعمال ڪئي اها ان جي پنهنجي ذهني معيار۽ ”غيرسياسي“هئڻ جو جيئرو مثال آهي،پي ٽي آءِ چيو ته اهو شخص ڪنهن وقت ۾ عمران خان جي پيرن ۾ ويهي هن کي پنهنجي والد جو درجو ڏيندو هو اڄ پنهنجي سياسي يتيمي لڪائڻ لاءِ عمران خان جي خاندان تي حملي آور آهي