ايئر چيـف مارشل ظهير احمد بابر جي مدي ۾ 2 سالن جي واڌ

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف، چيـف آف ايئر اسٽاف ايئر چيـف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي ملازمت واري مدي ۾  2 سالن جي واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، رپورٽن موجب وزيراعظم شهباز شريف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي مدي ۾ ٻن سالن جي واڌ جي منظوري ڏني، جنهن کان پوءِ لاڳاپيل سمري صدر آصف علي زرداري ڏانهن اماڻي وئي، وزيراعظم طرفان ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي مدي ۾ 2 سالن جي واڌ واري موڪليل سمري جي صدر آصف علي زرداري به منظوري ڏئي ڇڏي، ياد رهي ته معرڪه حق دوران فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ ايئر چيـف مارشل ظهير احمد بابر سڌو اهم ڪردار ادا ڪيو هو، ايئر چيـف جي قيادت هيٺ پاڪ فضائيه جي شاهينن دشمن جا 7 جيٽ جهاز ڪيرائي پنهنجي جرئت جو مظاهرو ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.