عظميٰ خان جي عمران سان ملاقاتن تي پابندي،هاڻي اڊيالا جيل آڏو تماشو نه لڳندو: حڪومت

اسلام آباد(بيورو)وفاقي وزير اطلاعات عطاالله تارڙ اعلان ڪيو آهي ته اڊياله جيل ۾ باني پي ٽي آءِ سان هاڻي عظميٰ خان  جي ملاقات به نه ٿيندي، ملاقاتن جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جون ملاقاتون بند ڪري ڇڏيون ويون آهن۔قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عطاالله تارڙ چيو ته عمران خان جون ٽيئي ڀينرون جيل ٻاهران امن امان جي صورتحال پيدا ڪن ٿيون، جنهن ڪنهن به قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي، ان جي ملاقات بند ڪئي وئي  آهي۔ اڄ کان عظميٰ خان جي ملاقات به بند ڪئي وئي آهي،سپرنٽنڊنٽ جيل پابند آهن ته قانون تي سختي سان عمل ڪرائي،هن چيو ائين نٿو ٿي سگهي ته اندر وڃي ملاقاتون ڪيون وڃن ۽ ٻاهر اچي پروپيگنڊا ڪئي وڃي،توهان کي هڪ موقعو ڏنو ويو هو، جنهن جنهن خلاف ورزي ڪئي، ان جي ملاقات بند ڪئي وئي۔ عظميٰ  خان ٻاهر اچي چيو ته عمران خان فرسٽريشن جو شڪار هو ۽ ڪاوڙ ۾ هو۔ اسان به ملاقاتون ڪرڻ ويندا هئاسين پر ڪڏهن به امن امان جي صورتحال پيدا نه ڪئي۔وفاقي وزير اطلاعات جو چوڻ هو ته هي سڀ ڪجهه ڪرڻ کان اڳ 190 ملين پائونڊ جي ڪرپشن ڪرڻ وقت سوچڻ گهرجي ها۔ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪنهن به شخص کي ملاقات جي اجازت نه ملندي۔ رياست جي رٽ کي قائم رکيو ويندو۔ هاڻي هر روز اڊياله ٻاهران تماشو نه لڳندو،ملاقاتن جو مقصد حال احوال پڇڻ هوندو آهي، توهان چوندا آهيو ته رياست کي ئي ڊاهيو؟ اها رياست جنهن ڀارت کي شڪست ڏني؟ ڇا توهان چاهيو ٿا ته ملڪ جو دفاع ڪمزور ٿئي ۽ سالميت کي نقصان پهچي؟اعظم نذير تارڙ چيو ته عمران خان کي جيل ۾ غيرمعمولي سهولتون حاصل آهن،عالمي ميڊيا ۾ ملڪ کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.