ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اورنگي ٽائون ۾ ڦورو کي جيئرو ساڙڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي،درخواست وڪيل بشريٰ عباس پاران داخل ڪئي وئي، ٻه ڏينهن اڳ هڪ ڦورو کي اورنگي ٽائون ۾ جيئرو ساڙي ماريو ويو هو، ماڻهن جو چوڻ هو ته ڄاڻايل ڏوهاري کي ماڻهن کان ڦر ڪندي موقعي تي پڪڙيو ويو هو، درخواست گذار جو موقف آهي ته اهو واقعو پوليس جي نااهلي ۽ ناڪامي آهي، سزا ڏيڻ عدالتن جو ڪم آهي، ماڻهن جو نه، وڪيل بشريٰ عباس چيو ته واقعي انتهائي خوف، حراس ۽ دهشت پکيڙي ڇڏي آهي، وائرل ٿيندڙ وڊيو سماج ۾، خاص طور تي ٻارن ۾ خوف پکيڙي رهي آهي. جيڪڏهن ڪو ڌاڙيل يا چور آهي، ته پوءِ پوليس جي ذميواري آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪري، هڪ مسلمان کي جيئرو ساڙيو ويو پر پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. آءِ جي پوليس ۽ ايس ايس پي اولھه کي عدالت ۾ طلب ڪيو وڃي.درخواست گذار عدالت کان استدعا ڪئي ته آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي فوري طور تي انهن جي عهدن تان هٽايو وڃي. داخل درخواست جي تڪڙي ٻڌڻي ڪئي وڃي.