اسلام آباد(حسن ايوب)ذريعن موجب، چيف ڊي فنس فورس(سي ڊي ايف)بابت گردش ڪندڙ قياس آرائون بي بنياد آهن، جاري نوٽيفڪيشن ڪنهن به مقرري لاءِ ناهي، پر CDF هيڊ ڪوارٽر جي قيام جو اعلان آهي، جيڪو اڳوڻي چيف آف اسٽاف هيڊڪوارٽر جي جاءِ تي هڪ واضح اختيارن ۽ دائري ڪار سان گڏ ادارتي ڍانچي طور ڪم ڪندو۔ان جي فعالي لاءِ ٽرمز آف ريفرنس ۽ انتظامي طريقه ڪار جي منظوري هڪ فني ۽ مرحليوار عمل آهي، جيڪو مڪمل مشاورت ۽ پارليماني رهنمائي تحت اڳتي وڌايو پيو وڃي،هٿياربند فوجون فوري دٻاءُ يا سوشل ميڊيا بيانن جي بنياد تي فيصلا نه ڪنديون آهن،اصل عمل آئيني ۽ ادارتي آهي۔