ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي جي خاتمي واري هڪ عدالت بلوچ يڪجهتي ڪائونسل (بي واءِ سي) جي اڳواڻماه رنگ بلوچ کي بري ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج نمبر پنج جي جج اياز مصطفىٰ بريت تفصيلي فيصلا جاري ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته ماه رنگ بلوچ خلاف داخل ايف آءِ آر ۾ الزام لڳايو ويو هو ته ماهه رنگ بلوچ مختلف دهشتگرد تنظيمن سان وابسته آهن، انهن جي سرگرمين کي هٿي ڏين ٿيون، نوجوانن کي گمراهه ڪن ٿيون، رياست خلاف دشمني کي وڌائين ٿيون ۽ قومي مفاد خلاف ڪم ڪري رهيون آهن.وڪيل ۽ سماجي ڪارڪن جبران بلوچ سماجي ميڊيا تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي لکيو ته عدالت طرفان بريت ڏيڻ جو فيصلو اهو ظاهر ڪري ٿو ته رياست بلوچن جي آواز خلاف بدنيتي جي بنيادر تي ڪارروائي ڪري رهي آهي . جبران بلوچ جي دعويٰ موجب پراسيڪيوشن تي به دٻاءُ وڌو ويو ته هو قانوني بنياد کان سواءِ ڪيس هلائي، ۽ هاڻي عدالتي فيصلي سان اهو واضح ٿي چڪو آهي.