لاهور جي سول جج جهانزيب بخاري استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور(م ڊ) لاهور جي سول جج سيد جهانزيب بخاري پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. سول جج سيد جهانزيب بخاري پنهنجي استعفيٰ ۾ لکيو آهي ته 26 ۽ 27 هين ترميم سبب هو عهدو ڇڏڻ تي مجبور آهي. هن وڌيڪ لکيو ته  مان اهو آخري شخص هوندس جيڪو آمرانه حڪومتن جي حمايت ڪندس، اعليٰ عدليه ملڪ لاءِ ڪڏهن به فخر جو باعث ناهي رهي، ۽ رياست جي ذميواري آهي ته اها برابري جي بنياد تي انصاف مهيا ڪري. ان دوران، سول جج سيد جهانزيب بخاري جي استعفيٰ تي لاهور هاءِ ڪورٽ جو ردعمل اچي ويو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي ترجمان جو چوڻ هو ته سول جج سيد جهانزيب بخاري مسلسل غير حاضري تي محڪمانه ۽ انضباطي ڪارروائي کان پوءِ استعفيٰ ڏنو. ترجمان مطابق، سول جج سيد جهانزيب بخاري پنهنجي ڊيوٽي کان مسلسل  غير حاضر رهيو، جج جي ڊگهي غير حاضري ۽ ڊيوٽي جوائن نه ڪرڻ تي انضباطي ڪارروائي شروع ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.