گند ڪندئو ته ڪي پي ۾ گورنر راڄ لاءِ تيار رهو\فيصل واوڊا

اسلام آباد(بيورو)سينيٽر فيصل واوڊا جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وڌيڪ گند ڪرڻو آهي ته خيبر پختونخوا ۾ گورنر راج لاءِ تيار ٿي وڃو،هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ هن چيو ته 9 مئي جا دهشتگرد، جيڪي ڪي پي ۾ لڪايل آهن، اُهي سڀ پنهنجي خير گهرن، فيصل واوڊا چيو ته 9 مئي وارن ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو۔ سڀني کي سڀاڻي کان ايندڙ هفتي تائين خبر پئجي ويندي ته اڳتي ڇا ٿيڻ وارو آهي،هن چيو ته سڀاڻي وزيراعليٰ خيبر پختونخوا سهيل آفريدي جي باني پي ٽي آئي سان ملاقات نه ٿيندي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.