اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي ابصار عالم چيو آهي ته ڪالهه شام مون هڪ وي لاگ ڪيو، جنهن ۾ مون ڪجهه ڳالهيون ڪيون جيڪي مسلسل پاڪستان ۾ ڪجهه حلقن ۾ بحث هيٺ آهن، مون پنهنجي ذميواري سمجهي انهن ڳالهين کي عوامي شعبي ۾ آندو، جيڪي عوامي مفاد سان واسطو رکن ٿيون.ان کان پوءِ منهنجي خلاف هڪ مهم شروع ٿي آهي ۽ وڌيڪ ٿيندي پئي رهي آهي،هن چيو ته مون فيصلو ڪيو ته توهان سان وي لاگ ذريعي ڪجهه دل جي ڳالهه ڪندس، جيڪا سچي آهي ۽ جيڪا ڪرڻ گهرجي. هي مهم ڪجهه موقع پرست ۽ مفاد پرست ماڻهن شروع ڪئي آهي.جيڪو ڪجهه مون ڪالهه ۽ گذريل آچر جي وي لاگ ۾ ٻڌايو، ان کان وڌيڪ معلومات مون وٽ آهي، پر مان هينئر تمام ڳالهيون ظاهر نه ڪرڻ ٿو چاهيان، ڇو ته ملڪ ۽ قوم جو مفاد سڀ کان اڳ آهي. مون لاءِ صحافي هجڻ يا ڪجهه هجڻ کان اڳ، پاڪستان کي ڪو نقصان نه پهچڻ گهرجي. صورتحال تمام نازڪ آهي ۽ پاڪستان هڪ اهڙي مقام تي آهي جتان اڳتي وڌي سگهي ٿو، پر ڪجهه ماڻهو صرف پنهنجن ذاتي، خانداني ۽ گروهي مفادن ۾ ڦاٿل آهن،هن چيو ته مسلسل پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي ته نواز شريف اهو ڪم ڪرايو، نواز شريف اهو ڪم ڪرايو، نواز شريف ابصار عالم ذريعي اهو ڪم ٻاهر ڪڍايو. نوٽ ڪريو، هي ڳالهيون پي ٽي آءِ جا ماڻهو ٻاهر ويٺل ڪري رهيا آهن، ۽ مسلم ليگ نون جا ماڻهو پاڪستان ۾ وڏن عهدن تي ويٺل آهن، انهن ٻنهي جي سوچ هڪ ٿي وئي آهي،هن چيو ته سچ اهو آهي ته مان نواز شريف سان گذريل اٺ کان ڏهه مهينا اڳ آخري ملاقات ڪئي هئي، ۽ انهي کان پوءِ شايد هڪ دفعو پيغام جي ڏي وٺ ٿي، پر ان کان علاوه ڪو رابطو نه رهيو. مان اها ڳالهه توهان سان ڪري رهيو آهيان ڇو ته منهنجي زندگي جو آخري حصو اچي چڪو آهي، ۽ مونکي ڪو به ڪوڙ ڳالهائڻو ناهي،هن چيو ته مون وي لاگز ۾ ڪڏهن ڪنهن جو نالو خاص طور تي نه ورتو، نه نواز شريف، نه شهباز شريف، نه عمران خان، نه ڪنهن ٻئي جو، بس حقيقت ٻڌائي ته ڪي صورتحالون ڪيئن آهن.ملڪ جي خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، عوام لاءِ، صرف حڪمران طبقي لاءِ نه. انڊسٽري بهتر ڪرڻ، معيشت بهتر ڪرڻ، ۽ ماڻهن جي زندگي کي آسان بڻائڻ اسان جي فرضن ۾ شامل آهي.