ڪراچي (رپورٽر) نيپا واقعي تي ڪي ايم سي، بي آر ٽي ۽ نجي اسٽور انتظاميا کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايت تي لاڳاپيل 5 آفيسارن کي معطل ڪيو ويو آهي، وزيراعليٰ جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، ڪي ايم سي، ٽائون انتظاميا، ريونيو ۽ پوليس جا اهلڪار شريڪ ٿيا، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٻار جي موت تي دلي افسوس آهي ۽ جنهن به ڪوتاهي ڪئي آهي، ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، معطل عملدارن ۾ بلديه عظميٰ ڪراچي جو سينئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز عمران راجپوت، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گلشن اقبال جو اسسٽنٽ انجنيئر راشد فياض، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جو ايگزيڪيوٽو انجنيئر وقار احمد، اسسٽنٽ ڪمشنر گلشن اقبال عامر علي شاهه، مختيارڪار گلشن اقبال سلمان فارسي شامل آهن، وڏي وزير جي هدايت تي سڀني آفسرن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ۽ ڪي ايم سي کي چئلينج آهي ته مستقبل ۾ اهڙا واقعا روڪڻ لاءِ مناسب انتظامات ڪيا وڃن، جڏهن ته نيپا چوڪ وٽ گٽر ۾ ڪري فوت ٿيندڙ معصوم ٻار جي واقعي بابت تحقيقات مڪمل ٿي وئي، جنهن ۾ بي آر ٽي ريڊ لائين جي تعميراتي ڪم کي حادثي جو سبب قرار ڏنو ويو آهي، ڪي ايم سي جي تحقيقاتي رپورٽ تيار ڪري سيڪريٽري بلديات ڏانهن رواني ڪري ڇڏي، سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز موجب ميئر ڪراچي جي حڪم تي ٻار جي ڳولا لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو، جڏهن ته رپورٽ موجب ٻار جو لاش گلشن اقبال جي لنڪ نالي مان مليو، جاچ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته بي آر ٽي جي کوٽائي نيڪاسي واري نظام کي شديد نقصان پهچايو، گٽرن کي عارضي ڪور سان بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، رپورٽ موجب ريڊ لائين جي تعميراتي واري هڪ هنڌ کليل گٽر هو ، جنهن سبب واقعو پيش آيو، بي آر ٽي جي انتظاميا ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ ڪي ايم سي کي به اطلاع نه ڏنو، گلشن اقبال نيپا چوڪ ويجهو 3 سالن جو ابراهيم نجي ڊپارٽمينٽل اسٽور جي ٻاهران کليل گٽر ۾ ڪري ويو هو، جنهن جي والده جي دل ڏاريندڙ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، پاڙي وارن ۽ وارثن پنهنجي مدد پاڻ تحت مشينري گهرائي ڳولا ڪري هئي، پر سڄي رات گذرڻ باوجود ٻار نه مليو، سومر ڏينهن واقعي جي 14 ڪلاڪن کانپوءِ هڪ ڪچرو ميڙيندڙ نوجوان ٻار جو لاش واقعي واري هنڌ کان لڳ ڀڳ هڪ ڪلوميٽر پري نالي مان ڳولي لڌو، نيپا چوڪ ويجهو معصوم ابراهيم گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ واري واقعي جا دل ڏاريندڙ سي سي ٽي وي فٽيجز منظرعام تي اچي ويا جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته کليل گٽر جي چوڌاري ڪا به حفاظتي نشاندهي يا رڪاوٽ موجود نه هئي، واقعي جي فٽيچز ۾ نظر اچي ٿو ته ابراهيم پنهنجي والده سان گڏ ڊپارٽمينٽل اسٽور مان ٻاهر نڪرندو آهي، اسٽور سان لاڳاپيل پارڪنگ ايريا ۾ چند قدم پري ئي کليل گٽر موجود هو، 3 سالن جو ابراهيم ڊوڙندو پنهنجي والد ڏانهن وڃي رهيو هو ۽ اوچتو کليل گٽر ۾ ڪري پيو، فٽيجز ۾ نظر اچي ٿو ته واقعي بعد ابراهيم جي والده جي رڙين تي رش لڳي وئي ۽ ويجهو بيٺل ماڻهن کي به مدد لاءِ سڏ ڪيو، سي سي ٽي وي فٽيجز واضح ڪري ٿي ته کليل گٽرن جي ويجهو نه ڪو حفاظتي اشارو نه ڪا ٽپڙي ۽ نه ئي ڪا رڪاوٽ لڳل هئي، ياد رهي ته پاڙي وارن ۽ وارثن پنهنجي مدد پاڻ مشينري گهرائي ابراهيم جي ڳولا شروع ڪئي هئي، پر سڄي رات گذرڻ باوجود ٻار نه مليو.
-
معصوم ابراهيم جو موت: مرتضيٰ وهاب معافي وٺي ڇڏي
ڪراچي (رپورٽر) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب نيپا چورنگي ۾ کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيل نينگر ابراهيم جي معاملي تي وارثن کان معافي وٺي ڇڏي، فوتي نينگر جي وارثن سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته نيپا چورنگي واقعي تي فوت ٿيل ٻار جي وارثن کان معافي ورتي آهي، افسوسناڪ واقعو معصوم ابراهيم سان پيش آيو، ابراهيم جي والده جي رڙين تي مون وٽ لفظ ناهن، شاهه فيصل ڪالوني ابراهيم جي گهر ويس، والد ڏاڏي ۽ خاندان سان ملاقات ڪئي آهي، ابراهيم جي ڏاڏي جي خواهش آهي ته قدم کنيا وڃن ته جيئن ڪنهن ٻئي سان ايئن نه ٿئي، مرتضيٰ وهاب چيو ته وڏي وزير ان بابت اجلاس گهرايو هو، جاچ ٿيڻي آهي، اسان سيوريج ڪارپوريشن جي لاڳاپيل انجنيئر کي معطل ڪيو آهي، ڪي ايم سي جي لاڳاپيل سينيئر ڊائريڪٽر کي معطل ڪيو آهي، ضلعي مختيارڪار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کي معطل ڪيو، ايس ايس پي ايسٽ ۽ ڊي ايس پي کي به معطل ڪيون پيا، بنيادي طور تي جهڙي طرح جو ريسپانس هجڻ گهرجي ها ايئن نه هو، ندامت جو اظهار ڪيان ٿو، ميئر طور مان ڪامياب نه ٿي سگهيس، مان ناڪام ميئر ثابت ٿيس، اهڙا قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اڳتي اهڙا واقعا پيش نه اچن، هن چيو ته واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ درد ناڪ آهي، غلطين مان سبق سکي قدم کڻي رهيا آهيون، ڪراچي جي پوري انتظاميا جي طرفان معافي جو طلبگار آهيان.
-
واقعي جو تعميراتي سرگرمين سان لاڳاپو ناهي
ڪراچي (پ ر) نيپا چورنگي ۾ معصوم ٻار کليل گٽر ۾ فوت ٿيڻ بعد ڪي ايم سي جي رپورٽ تي بي آر ٽي ريڊ لائن پراجيڪٽ انتظاميا طرفان وضاحتي بيان جاري ڪيو ويو آهي، بي آر ٽي ريڊ لائن پراجيڪيٽ انتظاميا موجب واقعي جو تعميراتي سرگرمين سان لاڳاپو ناهي، جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته 30 نومبر 2025 جي رات ٽن ورهين جو ٻار ابراهيم کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو جيڪو وڏو ڏکائيندڙ واقعو آهي ۽ پراجيڪٽ انتظاميا ڏکايل خاندان سان برابر جي شريڪ آهي، ريڊ لائن بي آر ٽي جي ماحولياتي ۽ سماجي تحفظات جي مئنيجر موجب حادثو اهڙي جاءِ تي پيش آيو جيڪو بي آر ٽي ريڊ لائين جي تعميراتي علائقي کان ڪافي فاصلي تي آهي، جتي نه ڪا کوٽائي ٿي رهي هئي، نه بي آر ٽي جي ڪا مشينري، سرگرمي يا رڪاوٽ موجود هئي، بيان ۾ چيو ويو ته جيڪو کليل گٽر حادثي ۾ شامل هو، اهو پراڻي سيوريج چينل جو حصو آهي ۽ بي آر ٽي ريڊ لائن جي انتظامي يا عملي دائري ۾ شامل نه آهي، روڊ جي حالت مڪمل هئي ۽ حادثو بي آر ٽي سرگرمين سان لاڳاپيل نه آهي، سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ڪي ايم سي جي سينئر ڊائريڪٽر جي خط سان غلط تاثر پيدا ٿئي ٿو، جڏهن ته زميني حقيقت ان جي ابتڙ آهي، بي آر ٽي جا سڀ تعميراتي ڪم متعلق ادارن کان اين او سي حاصل ڪرڻ کان پوءِ شروع ٿيندا آهن ۽ کوٽائي ٿيڻ تي جاءِ فوري طور ڀري وڃي ٿي. حادثو پيش ايندڙ پارڪنگ ايريا اسٽور جي ملڪيت ۾ آهي ۽ بي آر ٽي تعميراتي ڪم کان ڪافي پري آهي، تنهنڪري حادثي کي بي آر ٽي سان ڳنڍڻ غير ذميوارانه آهي، انتظاميا چيو آهي ته پراجيڪٽ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي مدد سان هلندو آهي، تنهن ڪري سخت حفاظتي اصول لاڳو آهن ۽ نگراني جاري آهي، سڀني ڌرين سان تعاون جاري رکنداسين ۽ تعميراتي هنڌ تي تحفظ جا اعليٰ معيار برقرار رکيا ويندا.
-
ابراهيم جو والد حڪومت کان مايوس، گٽرن جا ڍڪ پاڻ لڳائڻ جو اعلان
ڪراچي (رپورٽر) نيپا چورنگي ڀرسان کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيل ٻار ابراهيم جي والد حڪومت کان مڪمل طور مايوسي جو اظهار ڪيو آهي، عالمي ميڊيا سان ڳالهائيندي ابراهيم جي والد روئيندي چيو ته مان ڪنهن کي ڇا چوان؟ منهنجو بچو ته هليو ويو، هاڻي انهن خلاف ڪير ڪارروائي ڪندو؟ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪجهه ڪرڻو هجي ها ته ان وقت اُتي موجود هجن ها، منهنجو ٻچڙو 14 کان 15 ڪلاڪ پاڻي ۾ پيو رهيو، پر ڪو به کيس ڪڍڻ لاءِ نه پهتو، ابراهيم جي والد وڌيڪ چيو ته حڪومت کي چوندس، جيڪڏهن توهان گٽرن جا ڍڪا نٿا لڳرائي سگهو ته پوءِ مان پاڻ هي ڪم شروع ڪندس ته جيئن ڪنهن ٻئي ٻار جي حياتي ضايع نه ٿي سگهي، هن چيو ته منهنجو نمبر لکي ڇڏيو، ماڻهو مون کي فون ڪن، جيڪڏهن سندن گهر اڳيان گٽر کليل آهي ته آئون سندس ڍڪ لڳرائيندس، جيڪي به ڊپارٽمينٽل اسٽور آهن جن جي سامهون گٽرن جا ڍڪ ناهن، اُهي به مان وڃي لڳرائيندس.
-
گٽر جو ڍڪ ڊمپر جي گذرڻ سبب ٽُٽو: نئين وڊيو سامهون اچي وئي
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ نيپا چورنگي وٽ هڪ نجي اسٽور جي اڳيان گٽر جو ڍڪ ٽُٽڻ جي هڪ ٻي وڊيو سامهون اچي وئي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جڏهن ڊمپر گذريو ته گٽر جو ڍڪ ٽُٽي ويو ۽ گٽر کليل رهيو، ڪي ايم سي نيپا فلائي اوور جي ويجهو کليل گٽر ۾ ٻار جي موت جي ذميواري بي آر ٽي تعميراتي منصوبن ۽ نجي اسٽور جي انتظاميا مٿان لڳائي ڇڏي، سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز عمران راجپوت موجب ميئر ڪراچي جي هدايت تي ميونسپل سروسز ٻار جي ڳولا لاءِ آپريشن شروع ڪيو ۽ گلشن ٽائون جي لنڪ نالي مان ٻار جو لاش هٿ ڪيو ويو، نئين وڊيو بعد سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو، سوشل ميڊيا تي ڊمپر کي واقعي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.
-
سڀني لاڳاپيل ادارن کي واقعي جو ذميوار قرار ڏيڻ گهرجي:ابراهيم جو ڏاڏو
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ نيپا چورنگي ويجهو ٻار جي گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ واري حادثي جي جاچ ڪندڙ ٽيم ٻار جي گهر پهتي، ٻار جي واقعي بابت 3 رڪني ڪميٽي ڪراچي پوليس چيف جي سربراهي هيٺ ٺاهي وئي، جنهن ۾ ڊي آءِ جي ايڊمناحمد نواز چيمه، ايس ايس پي ايسٽ ۽ ايس ايس پي انويسٽگيشن سينٽرل انعم تجمل شامل آهن، جاچ ڪميٽي حادثي جا سبب ڄاڻيندي ۽ مڪمل رپورٽ تيار ڪري ڪراچي پوليس چيف کي موڪليندي، ٽيم ٻار ابراهيم جي گهر پهتي، وفد جي صورت ۾ پهتل ٽيم نينگر جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ بيان به رڪارڊ ڪيا، ٻئي پاسي کليل گٽر ۾ ڪري فوت فوت ٿيل ابراهيم جي ڏاڏي محمود الحسن چيو آهي ته جيڪڏهن الله اسان کي همت ڏني ته سڄي ڪراچي ۾ کليل گٽرن مٿان ڍڪن جو بندوبست ڪنداسين، خبر ناهي ته ٻار جو لاش ڪنهن ڪڍيو ۽ نه ئي خبر آهي ته ڪهڙو ادارو يا کاتو لاش ڪڍڻ جو ذميوار هو، هن چيو ته هن حادثي جي ذميواري انهن ماڻهن تي آهي جيڪي چونڊ ذريعي اڳتي آيا ۽ سڀني لاڳاپيل ادارن کي حادثي جو ذميوار قرار ڏيڻ گهرجي، جڏهن ته ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب سان ڳالهائيندي نينگر جي ڏاڏي وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، اڳتي ڪنهن ٻئي ٻار سان ايئن نه ٿئي، ميئر ڪراچي مون کي لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪارروائي بابت ٻڌايو آهي.