پيٽرول في ليٽر 96 ۽ ڊيزل تي في ليٽر 95 رپيا ٽئڪس اوڳاڙي

اسلام آباد: (ع آ نيوز)  شهرين کان هڪ ليٽر پيٽرول ۽ ڊيزل تي ورتل ٽيڪس جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن ٻڌايو ته في ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 37 سيڪڙو ٽيڪس شامل آهن. حڪومت هڪ ليٽر پيٽرول تي 96 روپيه 28 پئسا ٽيڪس وصول ڪري رهي آهي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ 34 سيڪڙو ٽيڪس  شامل آهن. هڪ ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ 94 روپيه 92  پئسن جا ٽيڪس شامل آهن ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل تي اهي ٽيڪس ڪسٽم ڊيوٽي پيٽروليم ۽ ڪلائمنٽ ليوي جي مد ۾ لڳايا ويا آهن. هن وقت ملڪ ۾ پيٽرول جي قيمت 263 روپيه 45 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت 279 روپيه 64 پئسا في ليٽر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.