بدين: پير موڙ وٽ ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، شاگرد فوت

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) ٿرڪول ھاءِ وي جي مقتل گاهه بڻيل پير موڙ تي افسوسناڪ حادثو تيز رفتار ٽرالر ھڪ ڳڀرو نوجوان کي اجل جو شڪار بڻائي پورھيت خاندان جو گھر اجاڙي ڇڏيو، موٽر سائيڪل سوار نوجوان ڪاشف علي ڪمبوه موقعي تي تڙپي تڙپي دم ڏنو، ٻه عورتون ۽ هڪ ٻارري زخمي ٿي ٿيا، پير موڙ تي گذريل ڏينھن صبح جو ان وقت ھڪ پورھيت خاندان جي گھر تي قيامت ڪڙڪي پئي جڏھن کوسڪي جي پورھيت خاندان جو نوجوان 17 سالن جو مئٽرڪ جو شاگرد ڪاشف علي ڪمبوھ پٽ ممتاز علي ڪمبوھ جيڪو پنھنجين ٻن عورتن ۽ ھڪ معصوم ٻارڙي کي موٽرسائيڪل تي کڻي شادي لارج طرف اچي رھيو ھو ته سامھون ايندڙ هڪ تيز رفتار ٽرالر سندن مٿان چڙهي ويو، نوجوان موقعي تي دم ڏنو، ٻئي عورتون ۽ ٻارڙي زخمي ٿي پيون، واقعي کانپوءِ ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو، اطلاع ملندي ئي فوتي نوجوان ۽ زخمي عورتن جا وارث شھري آسپاس جا رھواسي ڳوٺاڻا کوسڪي پوليس شادي لارج ۽ کوسڪي جا صحافي حادثي واري ھنڌ پھچي ويا زخمي عورتن ۽ معصوم ٻارڙي کي رورل ھيلٿ سينٽر کوسڪي منتقل ڪيو ويو فوتي نوجوان جي لاش کي پوليس ضروري ڪاروائي لاءِ اسپتال کڻائي وئي کوسڪي پوليس حادثو ڪندڙ ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ھن حادثي کان پير موڙ جي مقتل گاھ بڻيل ساڳي ھنڌ تي سوين ھانءُ ڏاريندڙ حادثا اڳ ۾ پيش اچي چڪا جنھن سبب سوين گھر اجڙي ويا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.