اها خبر لکندي اسان جا ئي هٿ ڏڪي رهيا آهن ته مشهور ٽي وي آرٽسٽ ۽ شاعره بينا مسرور ڪالهه وفات ڪري وئي آهي، اها خبر جنهن به ٻڌي ته ان کان اندر ئي اندر هڪ ڇرڪ ۽ هڪ دانهن نڪري وئي ۽ اسان کي يقين آهي ته هر ڪو ايئن ئي سوچيندو هوندو ته بيدل مسرور سان سندن جيون ساٿياڻي جي لاڏاڻي جي تعزيت ڪيئن ڪجي. ڪي ڪي تعزيتون ڪرڻ ڏکيون لڳنديون آهن. اهڙين تعزيتن مان بيدل مسرور سان ڪندڙ تعزيت به هڪ آهي. ڇاڪاڻ ته بينا ته بيدل مسرور جي زندگي هئي. بيدل سان بيحد پيار ڪندڙ، هر لحاظ کان سندس خيال ڪندڙ بينا کانسواءِ بيدل ڪيئن گهاري سگهندو تنهن جو ته پاڻ ئي تصور نٿا ڪري سگهون. پر چوندا آهن ته جنهن کي زندگي ۾ تمام گهڻو پيار ملندو آهي سوطاقت ور ۽ بهادر هوندو آهي سو اسان کي اميد آهي ته بيدل مسرور صاحب هن ناقابل برداشت صدمي کي برداشت ڪري ڏيکاريندو. بينا کانسواءِ بيدل لاءِ زندگي جيتوڻيڪ ڪا معنيٰ نه رکندي هوندي پر کيس هاڻي بينا مسرور جي امانت يعني سندس اولاد لاءِ همت سان جيئڻو پوندو.
اسان هتي بينا مسرور جي روح سان تعزيت پڻ ڪيون ٿا. هوءَ يقينن محبوب ور ۽ جيون ساٿي توڙي ساهه کان وڌيڪ پياري اولاد کي ايئن ڪٿي هميشه لاءِ ڇڏڻ لاءِ چاهيو هوندو. پيارن گهرن ڀاتين کي ڪيئن ٿي سهائي سگهيو. هوءَ ته وفا جي پيڪر هئي سا بيدل کي زندگي جي راهه ۾ ايئن ڪيئن اڪيلو ڇڏي وڃڻ چاهيو هوندو پر ظالم موت کي ڇا چئجي جيڪو پيارن کان پيارا ۽ پياريون کسيندو رهي ٿو. ڀٽائيءَ به موت کي پاراتو ڏنو هو ته ”ماڻهو سڀ مئا وڃن تون نه مئين سور“ بينا مسرور جي شاعري پڙهون ٿا ته ايئن ٿو لڳي ته سڄي شاعري ڄڻ هن بيدل مسرور تي ڪئي آهي. سندس شاعري جي ڪتاب جو نالو ”تون ئي منهنجو محور آن“ آهي. سو بينا، بيدل سان پنهنجي محبت جو اظهار پنهنجي شاعري ۾ محفوظ ڪري وئي آهي. ۽ ممڪن آهي ته هاڻي اها شاعري ئي بيدل مسرور لاءِ باقي زندگي جو سهارو بڻجي پوي.
بينا مسرور جو لاڏاڻو هڪ گهر لاءِ ته قيامت آهي ئي آهي پر اسان سندس لاڏاڻي کي اداڪاري جي فن لاءِ به هڪ سانحو تصور ڪيون ٿا. اسان هن کي آرٽسٽ طور سنڌي ڊرامن جي ٻي غزالا رفيق سمجهندا هيا خاص ڪري سندس ڌيمي آواز کي غزالا رفيق جي ڌيمي آواز جو تسلسل سمجهندا هياسين. بينا مسرور ان دور ۾ پي ٽي وي جي سنڌي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو جڏهن هن شعبي ۾ سنڌي ڇوڪرين جي شديد کوٽ هئي. ان دور ۾ سندس اداڪارا طور اچڻ ۽ ملهائڻ خود سنڌي ڊرامن تي احسان هو. هوءَ بي شڪ سنڌي ڊرامي جي ليجنڊ اداڪارا هئي. جيستائين سنڌي ڊرامن جو وجود رهندو تيستائين ڊرامن جي تاريخ ۾ بينا مسرور جو نالو ذڪر هيٺ ايندو. هو. سنڌي ڊرامن جي تاريخ جو هڪ يادگار باب آهي. بعد ۾ هن اردو ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو ۽ اتي به پنهنجين صلاحيتن کي مڃرايو.
جيتوڻيڪ بينا مسرور پاڻ کي بنيادي طور اداڪارا سمجهندي هئي پر ڏسجي ته هوءَ نثري نظمن جي بهترين شاعره به هئي ۽ جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته سندس شاعري جو ڪتاب به شايع ٿي چڪو آهي. بيدل مسرور صاحب اهو تمام سٺو ڪم ڪيو جو سندس شاعري جو ڪتاب سندس زندگي ۾ شايع ڪرايو جنهن کي بينا صاحبه پنهنجي اکين سان ڏٺو. ۽ ان ڪتاب آڻڻ جو ڪريڊٽ هوءَ هر لحاظ کان بيدل مسرور کي ئي ڏيندي هئي پر جيئن ته هوءَ پاڻ کي اداڪارا سمجهندي هئي ان ڪري هن شاعري ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ کي اهميت نه ڏني تنهن ڪري هوءَ ڪتاب جي مهورت ۾ به دلچسپي نه رکندي هئي پر اسان جڏهن به سندس شاعري پڙهي ته ان کان متاثر ٿيڻ کان رهي نه سگهياسين. اسان ته سندس شاعري کي عورت جي جذبن ۽ ڪيفيتن جي نمائنده شاعري سمجهندا هياسين ۽ خواهش رکندا هياسين ته جيڪر بينا جي اها خوبصورت شاعري سندس خوب صورت آواز ۽ انداز ۾ ٻڌون ۽ اسان جي اها خواهش نيٺ تڏهن پوري ٿي جڏهن نامياري شاعر ۽ ڪمپيئر امر پيرزادي هڪ ٽي وي چيئنل جي ادبي پروگرام ”ڏات انوکي“ ۾ بينا مسرور جي شاعري جو هڪ سيگمينٽ ريڪارڊ ڪرايو جنهن کي اسان سندس حصي جو يادگار سمجهون ٿا. بينا صاحبه ان سيگمينٽ ۾ پنهنجي ڌيمي ۽ سريلي آواز ۽ انداز ۾ پنهنجي شاعري کي ريڪارڊ ڪرايو جيڪو اسان هاڻي ڪنهن وقت به ٻڌي ۽ محظوظ ٿي سگهون ٿا. سو ضرورت به اهڙن ڪمن جي آهي.
اسان هميشه ان ڳالهه تي زور ڏيندا رهيا آهيون ته ماڻهن جون زندگيون ملهايون وڃن ۽ زندگي ۾ ئي کين ڀيٽا ڏني وڃي پر افسوس ته اسان وٽ جيئري مڃتا ڏيڻ جو لاڙو ڪيترن ئي سبب ڪري نه جي برابر آهي. نه ته هر ماڻهو جي هر سال ٿيندڙ سالگرهه اهو موقعو مهيا ڪندي آهي ته سالگراهن جي موقعي تي جيئري کين ڀيٽا ڏجي. بينا مسرور هر لحاظ کان ان جي حقدار هئي ته سندس شخصيت تي سنڌ سطح جو يادگار ڀيٽا پروگرام ڪجي ها جنهن ۾ سندس اداڪاري ۽ شاعري تي سندس دور جا اداڪار، اداڪارائون، پروڊيوسر ۽ اديب جيڪر ڳالهائين ها پر افسوس ته ايئن نه ٿي سگهيو ۽ بينا مسرور کي اسان اها عظيم ڀيٽا سندس زندگي ۾ پيش نه ڪري سگهياسين جنهن کي اسان پنهنجو مجرماڻو رويو سمجهون ٿا. فنڪار کي ڀلا ٻيو ڇا ٿو ڏئي سگهجي، ان کي صرف ۽ صرف داد ئي کپندو آهي ۽ اسان اهو به کين دل کولي نه ڏئي سگهون ته ان تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، سو بينا مسرور صاحبه اسان اوهان آڏو شرمنده آهيون جو اسان اوهان جي زندگيءَ ۾ اوهان کي شايان شان خراج پيش نه ڪري سگهياسين.