ايپل طرفان نئون آءِ فون 17 اِي آڻڻ جون تياريون، ڪهڙا فيچر اٿس؟

ايپل طرفان آءِ فون 17 اي متعارف ڪرائڻ جون تياريون جاري آهن، جنهن ۾ اڳ کان وڌيڪ بهتر ۽ جديد فيچرز شامل هئڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
نئين ماڊل ۾ وڌيڪ سنها بيزلز ڏنا ويندا، جڏهن ته ان ۾ آءِ فون 14 طرز جو او ايل اي ڊي پينل استعمال ٿيندو، جيڪو هاڻوڪي آءِ فون 16 اي ۾ موجود آهي.
ان پينل جو وڏو انگ چيني ڪمپني بي او اي فراهم ڪندي، جڏهن ته ٻيا پينلز سام سنگ ڊسپلي ۽ ايل جي ڊسپلي سپلائي ڪندا.
مختلف رپورٽن ۾ اهو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو ته آءِ فون 17 اي ۾ ڊائنامڪ آءِ لينڊ شامل نه ڪيو ويندو، پر مشهور ٽيڪ اينالسٽ ڊجيٽل چيٽ اسٽيشن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ويبو تي اشارو ڏنو آهي ته نئون ماڊل ڊائنامڪ آءِ لينڊ ۽ ايپل جي نئين اي 19 چپ سان متعارف ڪرائي سگهجي ٿو.
هن وقت موجود آءِ فون 16 اي، آءِ فون 13 ۽ آءِ فون 14 جهڙن نوچ اسڪرين ۽ اي 18 چپ سان دستياب آهن.
ماهرن موجب، سنها بيزلز شامل ڪرڻ ايپل لاءِ وڌيڪ سولو ۽ گهٽ لاڳت وارو حل آهي، جڏهن ته ڊائنامڪ آءِ لينڊ شامل ڪرڻ لاءِ سينسرز جي ٻيهر ترتيب، نئين ٽرو ڊيپٿ سسٽم ۽ ماسڪنگ ڊيزائن جي ضرورت پوندي، جيڪا ايپل جي گهٽ قيمت اي سيريز جي حڪمت عملي سان ٺهڪندڙ ناهي.
رپورٽ موجب، آءِ فون 17 اي ۾ 6.1 انچ جو 60 هرٽز او ايل اي ڊي ڊسپلي ڏنو ويندو، جيڪو وڌيڪ روشن ۽ بهترين اسڪرين تجربو فراهم ڪندو.
مشهور تجزئي نگار منگ چي ڪو، مارڪ گورمن ۽ دي ايليڪ اڳڪٿي ڪئي آهي ته نئون ماڊل ايندڙ سال جي شروعات ۾ متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.