سياري ۾ جلد کي خشڪي کان بچائڻ جا آسان طريقا

سياري جي آمد سان هوا ۾ گهم جي شرح گھٽجي ويندي آهي، جنهن جو اثر اسان جي جلد تي پوي ٿو ۽ جلد خشڪ ٿيڻ سان گڏ ڦاٽڻ لڳندي آهي.
ماهرن موجب سياري جي مند ۾ جلد جي حفاظت تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته تيز گرم پاڻي سان وهنجڻ به خشڪي جو سبب بڻجي سگهي ٿو، تنهن ڪري وهنجڻ دوران ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته پاڻي هلڪو گرم هجي ۽ غسل جو وقت 10 منٽن کان وڌيڪ نه هجي.
ان کانسواءِ جلد جي حفاظت لاءِ وهنجڻ کان اڳ پاڻي ۾ تيل ملائي سگهجي ٿو، جڏهن ته تيل سان جسم تي مالش به ڪيو، اهو عمل جلد کي خشڪي کان بچائي ٿو ۽ ان کي تازو توانو رکي ٿو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته وهنجڻ کانپوءِ ڪنهن سٺي باڊي لوشن جو استعمال ڪيو، روزانو رات سمهڻ کان پهريان منهن ڌوئي ڪنهن سٺي سڻڀي ڪريم جو استعمال ڪيو.
سياري ۾ صابڻ جو استعمال گهٽ ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ان سان به جلد خشڪ ٿيڻ جو امڪان رهي ٿو، ان کانسواءِ صابڻ جسم تي گهڻو رهڙڻ به نه گهرجي، ڇو ته ان سان جلد ڦاٽڻ ۽ متاثر ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن.
جن ماڻهن جي جلد نازڪ آهي، انهن کي گهرجي ته عرق گلاب، گليسرين ۽ ليمي جي رس ملائي رات جو سمهڻ کان اڳ چهري تي لڳائين، صبح جو منهن ڌوئي ڪا سڀڻي ڪريم هڻي ڇڏين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.