ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 18هين ترميم ۽ صوبائي حقن جو دفاع اڄ جي دور جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي، ڇو ته انهن ئي اختيارن تحت صوبن ۾ صحت ۽ عوامي ڀلائي جا وڏا منصوبا ممڪن ٿي سگهن ٿا.
ڪراچي ۾ ايس آءِ يو ٽي جي نئين يونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسلام آباد چاهي ٿو ته صوبن جو تعليم ۽ آبادي ڪنٽرول جو اختيار واپس ورتو وڃي ۽ جڏهن توهان ڪنهن کان اختيار واپس وٺندا آهيو ته ان جا اثر ضرور پوندا آهن، 18هين ترميم ئي صحت جو شعبو هلائڻ جو بهترين رستو آهي ۽ اسان پنهنجي حقن جو دفاع ڪنداسين.
هن چيو ته فائيو اسٽار هوٽل کي فائيو اسٽار اسپتال ۾ تبديل ڪرڻ سٺو قدم آهي، سنڌ ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي دل جي اسپتال جو نيٽ ورڪ موجود آهي ۽ پ پ سدائين پٺ تي پيل طبقي جي خدمت ڪندي آئي آهي.
سندس چوڻ هو ته اڄڪلهه صوبن جي حقن ۽ وسيلن تي گهڻو بحث هلي رهيو آهي پر صوبن جي حقن تي بحث جو سڀ کان بهترين جواب سنڌ جو هيلٿ سسٽم آهي، 18هين ترميم کانپوءِ اين آءِ سي وي ڊي کي ڏسو، فرق صاف نظر ايندو، ترميم کانپوءِ سنڌ حڪومت جا ادارا بهتر ٿيا.
اسلام آباد صوبن کان اختيار واپس وٺڻ چاهي ٿو، اسان پنهنجي حقن جو دفاع ڪنداسين: بلاول ڀٽو زرداري
You might also like