پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي بِگ بيش ليگ ڇڏڻي پوندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا ۽ پاڪستان خلاف سيريز لاءِ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ شامل قومي ڪرڪيٽرن کي بِگ بيش ليگ (بي بي ايل) ڇڏڻي پوندي.
ذريعن موجب، قومي ڪرڪيٽرن کي پرڏيهي ليگز لاءِ مشروط اين او سي جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته قومي ڊيوٽي لاءِ رانديگرن کي پاڻ کي دستياب رکڻو پوندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بي بي ايل لاءِ پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي 14 ڊسمبر کان 28 جنوري تائين اين او سي جاري ڪيا ويا آهن، اين او سي ماڻيندڙن ۾ بابر اعظم، محمد رضوان، شاهين شاهه آفريدي، حارث رئوف، شاداب خان ۽ حسن علي شامل آهن.
ٻئي پاسي فخر زمان، نسيم شاهه ۽ حسن نواز کي آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي لاءِ چار جنوري تائين اين او سي جاري ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، ان عرصي دوران پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم کي ٽن ميچن لاءِ سريلنڪا جو دورو ڪرڻو آهي، سريلنڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچ 7، 9 ۽ 11 جنوري 2026ع تي دمبولا ۾ شيڊيول آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.