انجينيئر محمد علي مرزا جي ضمانت منظور، ترت آزاد ڪرڻ جو حڪم

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ انجينيئر محمد علي مرزا جي ضمانت منظور ڪندي کيس ترت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت طرفان انجينيئر محمد علي مرزا کي پنج، پنج لک رپين جا ٻه ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
ڪيس جي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ جي جج جسٽس صداقت علي خان ڪئي.
واضح رهي ته انجينيئر محمد علي مرزا خلاف جهلم ۾ توهينِ مذهب جو ڪيس داخل آهي.
ان کان اڳ انجينيئر محمد مرزا کي ٿري ايم پي او تحت گرفتار ڪري جيل منتقل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.