انصاف ڏيندڙ ماڻهو پنهنجو ڪم نه ڪري سگهندا ته معاملا بگڙي ويندا آهن: سهيل آفريدي

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته ايمان، حوصلي ۽ عزم سان دهشتگردن کي مات ڏئي صوبي ۾ هر حال ۾ امن بحال ڪنداسين، انصاف ڏيندڙ ماڻهو پنهنجو ڪم نه ڪري سگهندا ته معاملا بگڙي ويندا آهن.
پوليس فورس ۽ سول آفيسرن جي گڏيل درٻار کي خطاب ڪندي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته موجوده صورتحال غير معمولي آهي، خيبر پختونخوا گذريل چئن ڏهاڪن کان دهشتگرديءَ جي نشاني تي آهي، پوليس گهٽ وسيلن باوجود 21 سالن کان دهشتگردي جو ڄمي مقابلو ڪيو آهي، دهشتگردي خلاف قربانين تي پوري قوم کي فخر آهي.
سندس چوڻ هو ته جنهن بهادري سان پوليس دهشتگردي جو مقابلو ڪري رهي آهي، اهو ساراهه جوڳو جذبو آهي، الله تعالى جي رضا ۽ عوام جي مفاد لاءِ وڙهنداسين ته فتح اسان جي ٿيندي.
سهيل آفريدي چيو ته ڪي پي ۾ هر حال ۾ امن بحال ڪيو ويندو، پوليس لاءِ بلٽ پروف گاڏيون، جديد هٿيار ۽ اينٽي ڊرون سسٽم فراهم ڪيو پيو وڃي، پوليس کي هنگامي بنيادن تي جديد ترين ٽيڪنالاجي سان ليس ڪيو پيو وڃي، وسيلن جي کوٽ کي سيڪيورٽي جي رستي ۾ رنڊڪ بڻجڻ نه ڏينداسين ايمان، حوصلي ۽ عزم سان دهشتگردي کي مات ڏبي.
سندس چوڻ هو ته آفيسرن جي معاملن ۾ ڪا به سياسي مداخلت نه ٿيندي پر نتيجو ڏيڻو پوندو، ڪرپشن خلاف زيرو ٽالرنس آهي، ڪنهن کي ڪا به رعايت نه ملندي، سرڪاري آفيسرن جي ڪارڪردگي پرفارمنس انڊيڪيٽرز ذريعي پرکي ويندي.
سهيل آفريدي چيو ته جن ماڻهن جو ڪم انصاف ڏيڻ هوندو آهي، جيڪڏهن اهي اهو ڪم نه ڪندا ته معاملا بگڙي ويندا، اسان پي ٽي آءِ باني جي ويزن تحت عوام کي رليف ڏيڻو آهي ۽ عوام لاءِ فيصلا ڪرڻا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.