دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ پاڪستان جو نوجوان ڪرڪيٽر صائم ايوب نمبر ون آل رائونڊر بڻجي ويو آهي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل هفتيوار پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊرز جي درجا بندي ۾ پاڪستان جي صائم ايوب زمبابوي جي سڪندر رضا کان پهرين پوزيشن کسي ورتي آهي.
ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊر ڪيٽيگري ۾ سڪندر رضا هڪ درجو وڃائڻ کانپوءِ ٻئي نمبر تي هليو ويو آهي جڏهن ته محمد نواز ٽي ڏاڪا مٿي چڙهندڙ چوٿين ۽ ڀارت جو اڪشر پٽيل هڪ درجو بهتري کانپوءِ ڏهين نمبر تي اچي ويو آهي.
آءِ سي سي ون ڊي بيٽرز رينڪنگ ۾ ڀارت جي روهت شرما جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته ويرات ڪوهلي هڪ درجو بهتريءَ سان چوٿين نمبر تي اچي ويو.
پاڪستان جو اڳوڻو ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم جي ڇهين پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته ڀارت جو ڪي ايل راهول ٻه درجا بهتري کانپوءِ 14 هين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ فخر زمان هڪ درجو بهتري سان 25 هين نمبر تي موجود آهي، ڏکڻ آفريڪي بيٽر ميٿو بريٽزڪي جي 17 درجا ترقي ماڻڻ بعد 31 هين پوزيشن آهي.
آءِ سي سي ون ڊي بالرز رينڪنگ ۾ افغانستان جي راشد خان جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، ڀارت جو ڪُلديپ يادَو هڪ درجو بهتري کانپوءِ ڇهين نمبر تي قبضو ڄمائي ورتو آهي.
آل رائونڊرز رينڪنگ ۾ افغانستان جي عظمت الله عمرزئي جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جو مارڪيو ينيسن 15 درجا بهتري کانپوءِ 20 هين نمبر تي اچي ويو آهي.
You might also like