طاقتورن جي مداخلت ۽ فرمائشن تي نوازشريف کي خدشا؟

اسلام آباد(حماد حسن)وزيراعظم  شباز شريف واپس ڇو آيو، نوٽيفڪيشن جو معاملو ڪٿي آهي، ۽ نواز شريف کي ڪهڙيون خاطريون ڪرايون ويون. ان کان علاوه نواز شريف جا ڪجهه تحفظات به سامهون آيا آهن،هو مداخلت ۽ فرمائشن تي پريشان آهي، مثال طور، ڪجهه وزيرن جي تبديلي ڪئي وئي، جيئن مصدق ملڪ، جيڪي پيٽروليم جي وزارت ۾ تمام قابل ۽ محنتي سمجهيا ويندا هئا، هن کي موسمياتي تبديلي جي وزارت ڏني وئي. ان بابت ڪيترن ماڻهن کي خبر آهي ته ايس آءِ ايف سي جي سربراهه جي مداخلت سبب ڪجھه معاملا اهڙا ٿيا،جڏهن ته پنڊي ۾ اختلافن جي ڳالهه مڪمل طور غلط آهي. اتي اختلاف جو امڪان ناهي. البت، اسٽيبليشمينٽ ۽ حڪومت جي وچ ۾ اختلاف ٿيندا رهن ٿا، اهو معمول آهي. نواز شريف جا تحفظات مختلف وزارتن ۾ مداخلت ۽ حڪمن جي حوالي سان آهن، ۽ انهن جو اظهار ڪجھه کليل طور، ڪجھه ويجهڙن ماڻهن سان ڪيو ويو،جڏهن ته نوٽيفڪيشن جو معاملو جيڪو رڪجي ويو هو، اهو ايندڙ 24-48 ڪلاڪن ۾ حل ٿي ويندو. پر نواز شريف جي طرفان چيو ويو ته شباز شريف کي سائيڊ تي رکيو وڃي. نواز شريف تقريباً پنج ڏينهن لنڊن ۾ رهيو، پر بلڪل خاموش رهيو ان دوران هن جا ڪجهه ذاتي مسئلا به هئا، پر اصل سبب نواز شريف جا تحفظات هئا.هاڻي ٻڌايو ويو آهي ته نواز شريف کي ڪجهه خاطريون ڪرايون ويون آهن ته هن جا تحفظات حل ڪيا ويندا. شباز شريف واپس اچي چڪو آهي، ۽ اسلام آباد ۾ موجود آهن. ايندڙ 24-48 ڪلاڪن ۾ نوٽيفڪيشن جي حوالي سان ڪجهه اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي جڏهن ته نواز شريف جا تحفظات صرف عمران خان تائين محدود نه آهن. پورو "عمران پروجيڪٽ” ڪهڙي حالت ۾ آهي، انهن جو احتساب ڇو ناهي ٿيو، فيض حميد ڪيس ڪٿي پهتو؟ ان بابت حڪومت وٽ به واضح ڄاڻ نه آهي،شباز شريف خاموش رهندو آهي ۽ جيڪو نواز شريف چوندو آهي، اهو ڪندو آهي. پر مريم نواز، نواز شريف کي هن جي بنيادي بيانيي کان روڪڻ ۾ بار بار ڪردار ادا ڪري رهي آهي،نوازشريف نه هن حڪومت کان خوش آهي نه اسٽيبلشمينٽ کان خوش آهي،هو موجوده صورتحال تي به مطمئن ناهي پارٽي جي ڪجهه سينئر اڳواڻن کي به تحفظات آهن، ڇو ته وزيراعظم جي اختيارن جي حد محدود آهي، پنجاب ۾ به مڪمل اختيار نه آهي. نواز شريف هڪ مدبر سياستدان آهي، پر موجوده صورتحال ۾ سندس سياست ختم ٿي رهي آهي،جڏهن ته نوازشريف کي جيڪي خاطريون ڪرايون ويون آهن ان تي عمل مشڪل نظر پيو اچي،مستقبل ۾ ٿي سگهي ٿو ته نوازشريف پنهنجي ”موڊ“ تي واپس اچي وڃي، ٻئي پاسي خيبر پختونخوا جي حوالي سان، پي ٽي آءِ جو انتظام اڃا تائين بالغ ۽ پختگي واري سطح تي ناهي. 34 کاتن مان 16 جي سربراهي تبديل ڪئي وئي آهي. نوان آفيسر، گهڻو ڪري چيف سيڪريٽري جي ويجهو آهن.چيف سيڪريٽري جي هٿ ۾ تقريباً صوبائي اختيار آهن، جڏهن ته وزيراعليٰ جا ويجهڙا بيورڪريٽ ڪجهه اهم پوسٽن تي آهن. پر مجموعي طور پي ٽي آءِ حڪومت غير موثر ٿي وئي آهي.انهيءَ سان گڏ، سيول بيورڪريسي، سيڪيورٽي فورس ۽ ٻين اختيارن جي مرڪزي ڪنٽرول سبب پي ٽي آءِ جي احتجاج ۽ سياسي طاقت محدود ٿي وئي آهي،صوبي ۾ گورنر راڄ جا امڪان گهٽ آهن، پر بيوروڪريسي جي هٿ مان وڃڻ سبب حڪومت جو جواز پڻ محدود ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.