ڪراچي ( رپورٽر) ڊاريڪٽر جنرل هيلٿ سنڌ صوبي ۾ ڊينگي جي صورتحال بابت روزاني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي،سرڪارياسپتالن ۾ ڊينگي جا 31 نوان مريض داخل ڪيا ويا، جڏهن تہ خانگي اسپتالن ۾ 27 نوان مريض رپورٽ ٿيا، اهڙي طرح صوبي ۾ ڊينگي جا مجموعي داخل ڪيس 55 ٿي ويا آهن۔ ڪراچي ڊويزن جي سرڪاري اسپتالن ۾ 19 نوان مريض جڏهن تہ حيدرآباد جي سرڪاري اسپتالن ۾ 7 نوان ڪيس داخل ٿيا آهن۔ ساڳئي وقت سرڪاري اسپتالن مان 26 ۽ خانگي اسپتالن مان 12 مريض صحت ياب ٿي گهر موٽي ويا۔ رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي سنڌ ۾ ڊينگي سبب ڪا به فوتگي رپورٽ نه ٿي آهي۔ ليبارٽري ڊيٽا موجب پوري صوبي جي سرڪاري ۽ خانگي ليبارٽرين ۾ 3039 ماڻهن جا ڊينگي جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 260 مريضن جا نتيجا هاڪاري آيا۔ ڪراچي جي ليبارٽرين ۾ سڀ کان وڌيڪ 190 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن تہ حيدرآباد جي ليبارٽرين ۾ 70 ٽيسٽ هاڪاري آيا۔