ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي پيرآباد فرنٽيئر ڪالوني جي رهواسي 10 سالن جي مريم مبينه طور اغوا ٿي وئي، پوليس عملدارن ٻڌايو آهي ته واقعي جو ڪيس ٻارڙي والد جي فرياد تي پيرآباد ٿاني تي داخل ڪيو ويو آهي، عملدارن موجب ٻارڙي جي والد پاڙيسري حيدر شاهه کي اغوا ۾ جوابدار طور نامزد ڪيو آهي، ڪيس متن موجب، ٻه ڏينهن اڳ مريم گهر جي ٻاهر کيڏي رهي هئي، جڏهن واپس نه آئي ته والد ۽ گهروارن ان جي ڳولا ڪئي، پر ڪجهه هٿ نه آيو، پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آهي، حيدر شاهه کي گرفتار ڪري وڌيڪ هن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.