ڪولمبو (م ڊ) سري لنڪا، انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ ٿائي لينڊ ۾ طوفان ۽ برساتن بعد ٻوڏن تباهيون مچائي ڇڏيون، سوين ماڻهو زندگيون وڃائي چڪا آهن، هزارين گهر ڊهي پيا، سوين ماڻهو اڃا تائين گم ٿيل آهن، رپورٽن موجب سري لنڪا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 193 ماڻهو ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب فوت ٿي ويا، جڏهن ته ملڪ پنهنجي گهڻن سالن ۾ سڀ کان وڏي موسمي آفتن سان منهن ڏئي رهيو آهي، ڊزاسٽر مينيجمينٽ سينٽر موجب 200 کان وڌيڪ ماڻهو گم آهن ۽ 20,000 کان وڌيڪ گهر تباهه ٿي چڪا آهن، جنهن سبب 108,000 ماڻهو عارضي پناهه گاهه ۾ منتقل ڪيا ويا آهن، انڊونيشيا ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب 442 ماڻهو فوت ٿي ويا، پهرين ڏينهن ۾ فقط 300 کان وڌيڪ فوت ٿي چڪا هئا، جڏهن ته اهم رستا بند، انٽرنيٽ ۽ بجلي جزوي طور بحال ڪئي وئي، جڏهن ته ملائيشيا ۽ ٿائي لينڊ ۾ پڻ سوين ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي گم آهن، جڏهن ته لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، وزيراعظم شهباز شريف متاثر ملڪن ۾ انساني جانين ۽ ملڪيت جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ متاثر ٿيل خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي، پاڪستان متاثر علائقن سان مڪمل يڪجهتي رکي ٿو ۽ امداد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ سري لنڪا کي پڻ مدد جي پيشڪش ڪئي وئي آهي.