ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) قانون واري مملڪتي وزير بئرسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ تي غور جاري آهي، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عقيل ملڪ چيو ته دهشتگردي ۽ سرحدي صورتحال کي ڏسندي گورنر راڄ نافذ ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، هن زور ڏنو ته ڪي پي جي انتظامي صورتحال ۽ شهري فلاح جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي ۽ صوبو اهڙو انتظامي ڍانچو هجڻ گهرجي جيڪو عملي فائدو ڏئي ۽ شهرين کي مدد فراهم ڪري، گورنر راڄ شدت جي ضرورت تي لاڳو ڪيو ويندو آهي ۽ موجوده حالتون ان جي گهر ڪن ٿيون، ماضي ۾ پنجاب ۾ پڻ گورنر راڄ نافذ ڪرڻ جو تجربو موجود آهي.