پيپلز پارٽي کي اڃا وڌيڪ مضبوط، بلاول کي وزيراعظم بڻائينداسين\وڏو وزير

لاڙڪاڻو( بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي طرفان پيپلز پارٽي جي 58 هين يوم تاسيس جي تقريب شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميونسپل اسٽيڊيم لاڙڪاڻو ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پي پي ضلعي صدر ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، ايم پي اي جميل احمد سومرو، ايم پي اي سهيل انور سيال، ايم اين اي نظير ٻگهيو، پي پي ضلعي جنرل سيڪريٽري ۽ چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري، تعلقي صدر ۽ وائيس چيئرمين اسد الله ڀٽو، وڏي وزير جي معاون خصوصي خيرمحمد شيخ، ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لُهر، چيئرمين دڙي ٽائون شاهه رخ انور سيال سميت ليڊيز ونگ، سپاف، يوٿ ونگ، ذيلي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن يوم تاسيس جو ڪيڪ ڪاٽيو. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اڄوڪي ڏينهن 1967ع تي آمريت جو مقابلو ڪندي پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو، شهيد ڀٽو غريبن، هارين، شاگردن، صحافين، ڏتڙيل طبقي جي رهنمائي ڪئي، عوام پهرين ڏينهن کان شهيد ڀٽو جو پوئلڳ آهي، شهيد ڀٽو جي شهادت کان پوءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي به اسان کان الڳ ڪيو ويو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي جدوجهد کي اڳتي وڌائيندي صدر زرداري اسان کي سنڀالي پارٽي کي اڳتي وڌايو، اهو ئي ڪارڻ آهي ته لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي عوام 2008ع کان پوءِ جيڪي به چونڊون ٿيون انهن ۾ عوام پيپلز پارٽي تي ڀروسو ڪري پهريان کان پيپلز پارٽي کي وڌيڪ سيٽيون ڏياريون. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسان جو مستقبل، ملڪ جي غريبن جو آواز، نوجوانن ۽ هارين جي ضامن آهي، جيڪو اسان جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي، چيئرمين جو ڪارنامو آهي ته دنيا جو سڀ کان وڏو منصوبو ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر ٺاهڻ آهي جيڪا ڪنهن جي سوچ به نه هئي. هن چيو ته اڄ اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته پيپلز پارٽي کي اڃان وڌيڪ مضبوط ۽ جدوجهد ڪنداسين، 1988ع ۾ جيئن شهيد محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم بڻي هئي تيئن اسين چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائينداسين. هن چيو ته پاڪستان جي 133 ضلعن ۾ يوم تاسيس جا اجتماع ٿي رهيا آهن، پوري دنيا ۾ ائين ناهي ٿو ته ايتري ميڙ کي پارٽي چيئرمين خطاب ڪري. ايم پي اي جميل احمد سومرو خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد محنت ڪش طبقي جي لاءِ جاکوڙ ڪرڻ هو، پاڪستان پيپلز پارٽي هن وقت تائين ڪل 15 سال حڪومت ۽ 40 سالن تائين جدوجهد ڪئي جنهن جدوجهد ۾ هر 10 سال هڪ ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو جنهن ڪري 40 سالن جي دوران 4 ڀٽوز کي شهيد ڪيو ويو، آئين ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي وارا ڦاهي چڙهي ڪوڙا کائي جيل ويا پر پنهنجي منشور تان پوئتي نه هٽيا، اڄ به پاڪستان پيپلز پارٽي جي جدوجهد نوجوانن، آئين جي حرمت، پارليامينٽ ۽ عوامي حقن لاءِ آهي. هن چيو ته پوري ايشيا ۾ اهڙي ڪا به سياسي پارٽي ناهي جنهن مٿان بم حملا ٿيا هجن جنهن جي قيادت ۽ ڪارڪنن کي قتل ڪيو وڃي، ڪڏهن عدالتي قتل ته ڪڏهن انهن کي رستي ويندي قتل ڪيو هجي پر اسان ڪنهن جي آڏو ڪنڌ نه جهڪايو ۽ هر آمر خلاف جدوجهد ڪئي، پاڪستان پيپلز پارٽي يحيٰ خان کان اقتدار عوام کي ڏياريو، جنرل ضياءَ، مشرف ۽ دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪايو، اُهي ظالم حڪمران ناهن پر پپيلز پارٽي ان جي قيادت ۽ ان جا ڪارڪن آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.