ڪي پي ۾ گورنر راڄ ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي کي هٽائڻ جو امڪان

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ تي غور شروع ٿي ويو، گورنر راڄ لاءِ فيصل ڪريم ڪنڊي کي برقرار رکڻ يا انهن جي جاءِ تي نئون گورنر مقرر ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي، ذرائن موجب جيڪڏهن فيصل ڪنڊي تي اتفاق نه ٿو ٿئي ته نئين گورنر لاءِ ٽي سياسي شخصيتون امير حيدر هوتي، پرويز خٽڪ ۽ آفتاب شيرپائو غور هيٺ آهن، جيڪڏهن انهن تي به اتفاق نه ٿيو ته ٽن اڳوڻن فوجي آفيسرن جي نالن تي غور ٿي رهيو آهي، اڳوڻو ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل (ر) خالد رباني، ليفٽيننٽ جنرل (ر) غيور محمود، ليفٽيننٽ جنرل (ر) طارق خان شامل آهن، ٻئي طرف وزيراعظم آفيس جي ذريعن موجب خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ بابت ڪو فيصلو ناهي ٿيو، جڏهن ته خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گورنر جي تبديلي بابت مون کي ڪا ڄاڻ ناهي، جيڪڏهن ميڊيا ئي گورنر مقرر ڪندو ته پوءِ الله حافظ، هن وڌيڪ چيو ته پارٽي جو جيڪو فيصلو ٿيندو، اهو قبول ڪندس، فيصل ڪنڊي جو چوڻ هو ته گورنر راڄ جون ڳالهيون اڃا تائين ميڊيا ذريعي ٻڌي رهيو آهيان، صوبي جي ذميواري صوبائي حڪومت وٽ آهي ۽ موجوده حالتون احتجاج جي اجازت نٿيون ڏين، هن چيو ته آئين ۾ گورنر راڄ جي شق موجود آهي، پر مون سان ڪنهن به ڳالهه ناهي ڪئي ۽ في الحال گورنر راڄ جي ڪا ڳالهه نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.