پشاور(م ڊ) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص مددگار شفيع جان گورنر راڄ لڳائڻ بابت خبرن تي ردعمل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن گورنر راڄ لڳائڻ جو ارادو آهي ته ان کي اڄ ئي لڳائي ڇڏيو وڃي ته جيئن ان جو ردعمل ظاهر ٿي سگهي. هن چيو ته گورنر راج جهڙي ايڊونچر جي ڪوشش تي انهن کي ان جي ردعمل جو پتو لڳي ويندو. شفيع جان وڌيڪ چيو ته عطا الله تارڙ بي بنياد الزام هنيا آهن، ۽ انهن کي ثابت ڪرڻ گهرجي ته اسان جي سياسي اڳواڻن جو دهشت گردن سان ڪو تعلق آهي.