عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي آزاد ڪرڻ گهرجي\ڪيپٽن صفدر

ايبٽ آباد(م ڊ)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ڪيپٽن صفدر، باني پي ٽي آءِ عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي آزادي جي اپيل ڪري ڇڏي آهي۔سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (X) تي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ تصدق اعوان ۽ ڪيپٽن صفدر هڪ ٻئي سان ڳالهائيندي نظر اچن ٿا،هن چيو ته اڊياله جيل واري کي هاڻي ڇڏيو،جهيڙو جهڳڙو معاف ڪريو،رات جو ته اتي ڪي پي جو وڏو وزير به باهه ٻاري ويٺو هو،هن چيو ته هاڻي هن کي به آزاد ڪيو وڃي۔هاڻي ڇڏي ڏيو ويچاري کي 75، 76 سال عمر ٿي وئي آهي،هن چيو ته منهنجي خيال ۾ هاڻي هو سياست به نه ڪندو،تنهنڪري کيس آزاد ڪرڻ گهرجي،ڪيپٽن صفدر وڌيڪ چيو ته عمران خان  کي ڇڏيو يا نه ڇڏيو، پر بيبو (بشريٰ بي بي) کي ته ضرور آزاد ڪيو وڃي،هوءَ جيل ۾ ڏکن ۾ هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.