ڪراچي کي وفاقي علائقو قرار ڏنو وڃي: فاروق ستار

ڪراچي (رپورٽر) قومي اسيمبلي ميمبر ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته اڪراچي کي وفاقي علائقو قرار ڏنو وڃي، جيڪڏهن هي حل منظور ناهي ته نئين صوبي جو مطالبو ڪنداسين، ڄ ڪراچي ۾ ٻيا به جلسي ٿي رهيا آهن پر هي صرف ملير جو اجتماع آهي، شهر جا ڪجهه رستا ٺهندا، سيوريج لائينون پونديون ۽ ٻيا ڪم ٿيندا، جلسي کي خطاب ڪندي فاروق ستار وڌيڪ چيو ته اسان 8 هزار ارب رپيا وفاق کي ڏيون پيا ۽ صرف 50 ارب اسان کي ملي رهيا آهن، پهريان ڪي ٿري اسان شهر کي ڏنو هاڻ ڪي فور جو منصوبو مڪمل ٿيڻ وڃي رهيو آهي، ايم ڪيو ايم اڄ به وفاق ۾ شهر جو ڪيس وڙهي رهي آهي، جلسي کي خطاب ڪندي گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو ته ملير جا نوجوان ترقي جي آواز تي ٻاهر نڪتا آهن، ملير جا ماڻهو پنهنجي اسپتالن، اسڪولن ۽ رستن جي ترقي ڏسڻ چاهين ٿا، اسان جو واعدو آهي ته ترقي ضرور ٿيندي، ڏسڻو اهو آهي ته ترقي جي رستي ۾ رڪاوٽ ڪير آهي، هن چيو ته خالد مقبول صديقي اهڙو پيڪيج حاصل ڪيو جنهن ۾ اضافو ٿيندو رهندو، تعليم وارو وفاقي وزير ملير ۾ يونيورسٽي ٺاهيندو، صحت واري وفاقي وزير کي به چوندس ته ملير ۾ عالمي معيار جي اسپتال ٺاهي وڃي، اسان ڪراچي ۽ حيدرآباد جي لاءِ چاليهه ارب رپين جو پيڪيج آڻينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.