اسلام آباد(احتشام ڪياني+اويس يوسف زئي)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق محمود جهانگيري خلاف ڊگري ڪيس هڪ عجيب ۽ غيرمعمولي طريقي سان هلايو پيو وڃي۔پهريائين جسٽس جهانگيري کي بغير ڪنهن نوٽيس جي ئي عدالتي ڪم (judicial work) کان روڪيو ويو۔جڏهن سپريم ڪورٽ اهو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو، ته نئين بئنچ ٺاهي وئي،ڊويزن بئنچ ۾ شامل نون ججن ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪئي،ته پوءِ چيف جسٽس سرفراز ڊوگر، جسٽس اعظم خان کي ٻيهر بئنچ ۾ شامل ڪيو ۽ ڪيس کي 25 نومبر لاءِ مقرر ڪيو،ان ڏينهن ڪيس جي سماعت نه ٿي،بعد ۾ ڪيس پهرين ڊسمبر(اڄ)مقرر ڪيو ويو،وري تبديلي ڪري عدالت جي ويب سائيٽ تي نئين تاريخ 2 ڊسمبر رکي وئي آهي۔ظاهر آهي، هن سڄي معاملي جي پٺيان اندر ئي اندر ڪا راند هلي رهي آهي ٻئي پاسي جسٽس طارق محمود جهانگيري جي اڄ استعيفيٰ ڏيڻ بابت ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن۔ هو پنهنجو ذاتي سامان اڳ ۾ ئي چيمبر مان شفٽ ڪري چڪو آهي، لڳي ٿو ته هن به سسٽم آڏو هٿيار ڦٽو ڪري هار مڃي آهي، نه ته اڳ ته هو ميدان خالي نه ڇڏڻ ۽ مڪمل مقابلو ڪرڻ جا حامي هو