اسلام آباد (بيورو) قانوني ماهر احمد بلال محبوب چيو آهي ته نوٽيفڪيشن جي ضرورت ناهي، 27هين ترميم سڀ واضح ڪري ٿي، چيـف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيـف جا عهدا 2030 تائين گڏ هلندا، قانوني ماهر احمد بلال محبوب چيو آهي ته آرمي چيـف جي ملازمت واري مدي ۾ 26هين آئيني ترميم جي نتيجي ۾ اڳ ئي 2027 تائين وڌائي وئي آهي، سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ هن واضح ڪيو ته هاڻ ڪنهن به نئين نوٽيفڪيشن جي ضرورت ناهي، احمد بلال محبوب موجب چيـف آف ڊفينس فورسز جو عهدو ۽ آرمي چيـف جو عهدو گڏ هلندا ۽ 27هين آئيني ترميم تحت اهي ٻنهي عهدن جو مدو 2030 تائين هڪجهڙو برقرار رهندو.