اسلام آباد (شڪيل ملڪ) وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ طبي چڪاس لاءِ ويو هو جتي ڊاڪٽرن کيس وڌيڪ ٽيسٽون ڪرائڻ جي صلاح ڏني جنهن سبب کيس ترسڻو پيو، هاڻي هو اڄ پاڪستان پهچندو. وزيراعظم جي پهچڻ کانپوءِ سي ڊي ايف جو نوٽيفڪيشن ايندو. نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جي مقرري سي ڊي ايف جي صلاح سان ڪئي ويندي.
-
سعودي عرب ۾ رڍون چوري ڪرڻ جي الزام ۾ 13 پاڪستاني گرفتار
رياض (م ڊ) سعودي عرب ۾ رڍن جي چوري جي الزام هيٺ پوليس 13 پاڪستاني شهرين کي گرفتار ڪري ورتو، سعودي ميڊيا موجب طائف جي علائقي ۾ رڍن جي چوري جون ڪيترائي وارداتون ٿيون، جن ۾ مبينا طور تي اهي پاڪستاني شامل هئا، سعودي اخبار موجب جوابدار ڪيترين ئي چوري جي ڪيسن ۾ ملوث آهن، پوليس جوابدارن خلاف ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد کين پراسيڪيوشن جي حوالي ڪري ڇڏيو.
-
ملڪ اندر سازشين جو به اهڙو هشر ٿيندو جيڪو ڀارت جو ٿيو: احسن اقبال
اسلام آباد (بيورو) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ جي سلامتي خلاف سازش ڪندڙن سان به اهڙو ئي سلوڪ ڪيو ويندو جيڪو ڀارت سان ڪيو ويو آهي. هن نشاندهي ڪئي ته پي ٽي آءِ ۽ ٽي ٽي پي سميت ڪجهه عنصر سوشل ميڊيا تي رياست ۽ هٿياربند فوج خلاف پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن. احسن اقبال چيو ته مسلم ليگ جي حڪومت ۾ ملڪ امن ۽ ترقي جي رستي تي آهي ۽ ڪنهن کي به انتشار پيدا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
-
ايندڙ 300 ڏينهن ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ اهم آهن: مصدق ملڪ
ڪراچي (رپورٽر) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته ايندڙ 300 ڏينهن ٻوڏ متاثر ٿيل ڍانچن جي بحالي لاءِ انتهائي اهم آهن، ڪراچي جي نجي يونيورسٽي ۾ خطاب ڪندي ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته حڪومت موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ 300 ڏينهن واري منصوبابندي تي عمل ڪري رهي آهي، هن چيو ته فيز ٽو ۾ ڊگهي مدي لاءِ موافقت ۽ لچڪ وڌائڻ جي حڪمت عملي شامل آهي، پاڪستان جون نيون موسمياتي ترجيحون فڪس، گرو اينڊ بِلڊ آهن. تنهن هوندي به وفاق ۽ صوبن جي گڏيل ڪوششن کان سواءِ موسمياتي لچڪ ممڪن نه آهي، ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته پاڪستان جو ڪاربان اخراج هڪ سيڪڙو کان گهٽ آهي، پر ملڪ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل ملڪن ۾ شامل آهي.