ملڪي سياست ۾ گرم ٿيل افواهن جو بازار

تحرير: علي ٿهيم

هونئن ته اها ڳالھه مشهور آهي ته پاڪستاني سياست ۽ چائنا جي شين جي ڪابه گارنٽي نه هوندي آهي چائنا جون شيون هلن ته سال به ڪڍي وينديون نه ته ڪڏهن خراب ٿينديون ڪا خبر نه هوندي آهي ائين پاڪستاني سياست جا به ساڳيا حال آهن ماضي ۾ ته ائين ٿيندو رهيو آهي ته رات سمهي صبح جو اٿبو هو ته خبر پوندي هئي حڪومت ويئي نگران اچي ويا آهن ۔ .

ملڪي سياست اڄ تائين ائين ئي هلندي رهي ۔ اهو دور جنرل مشرف جو آمريتي دور هو جنهن ۾ ڀٽو شهيد ۽ ضيا جي باقيات کي گڏ ويهڻ ۽ اتحاد ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو ۔ انهي دور ۾ هڪ ٻئي جي بدترن مخالفن شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ضياء جي باقيات نواز شريف نه صرف هڪ ٻئي جا اتحادي بڻيا پر انهن چارٽر آف ڊيموڪريسي به سائن ڪيو جنهن ۾ اهو طي ٿيل هو ته جيڪو به حڪومت ۾ ايندو اهو پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندو ۔ سي او ڊي سائن ڪرڻ کان پوءِ اها دعوا ڪئي ويئي ته هاڻي پاڪستاني سياست ميچوئر ٿي چڪي آهي ۔ سي او ڊي سائن ڪرڻ کان پوءِ يقينن هر ڪنهن سوچيو هوندو ته هاڻي گهٽ مان گهٽ پاڪستاني سياست مان هڪ ٻئي جا پير ڇڪڻ وارو رواج ختم ٿي ويندو جيڪا به حڪومت ايندي دها پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي پر سي او ڊي سائن ڪرڻ وارا شايد اهو وساري ويٺا هئا ته پاڪستان ۾ اهڙي سياست جي گنجائش آهي ئي ناهي جنهن ۾ هڪ ٻئي جا پير ڇڪڻ وارا نه هجن ۔ پوءِ دنيا ڏٺو ته 2002 ۾ عام چونڊون ٿيون ته توپچي گڏ ٿي ويا ۽ انهن راتو رات ق ليگ ۾ شموليت ڪري مرڪز توڙي صوبن ۾ حڪومتون ٺاهيون ۔ سي او ڊي سائن ڪندڙ وري به سورن ۾ رهيا جيل ۔ جلا وطنيون سندن مقدر رهيون ۔ ق ليگ جي حڪومت ۾ پهرين مرحوم ظفر الله جمالي بعد ۾ هڪ غير ملڪي شوڪت عزيز کي وزيراعظم ٺاهيو ويو ۔ 2007 تائين ق ليگ جي حڪومت رهي ۔ حڪومت مدو پورو ڪيو ته نين چونڊن جو اعلان ٿيو انهن چونڊن جي هلندڙ مهم دوران محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ۔ محترمه جي شهادت کان پوءِ چونڊون ملتوي ٿي ويون جيڪي 2008 ۾ ٿيون پ پ پ اليڪشن ۾ وڏي پارٽي طور سامهون آئي ۔ پ پ پ جي حڪومت قائم ٿي پر پ پ پ جي حڪومت جي پهرين ڏينهن کان مسعلا پيدا ڪرڻ شروع ڪيا ويا مٿان افتخار چوڌري چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان بڻجي آيو هن ته اچڻ سان ئي پ پ پ حڪومت جا پير ڇڪڻ شروع ڪيا آخر وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي وقت کان اڳ نا اهل ڪري ڇڏيو ۔ ان کان پوءِ راجا پرويز اشرف وزيراعظم بڻيو ته به افتخار چوڌري پنهنجو ڪم جاري رکيو ۔ افتخار چوڌري نه صرف حڪومت خلاف رڪاوٽون وڌيون پر غير ملڪي معاهدن ۾ به ڄنگهون اڙايون جنهن ۾ رڪوڊڪ ايگريمينٽ به ختم ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو جيڪو فيصلو اڳتي هلي پاڪستان جي ڪنڌ ۾ پيو ۔ اهڙي طرح مسلم ليگ ن جي حڪومت سان به ائين ٿيو ۔ سي اي ڊو سائن ڪندڙ پارٽين جي ڪنڌ ۾ عمران خان جي شڪل ۾ مهرو وڌو ويو جنهن پاڪستاني سياست ۾ گار گند ڪلچر ۔ مخالفن سان اڻ ڍنگو رويو رکڻ ۔ بزرگ سياستدانن تي بيهودا نالا رکڻ ۔ انهن جون نقلون ڪرڻ ۔ متعارف ڪرايا ۔ نه صرف پارٽي ليڊر شپ پر هيٺ ورڪر پڻ تميز کان خالي نظر پئي آيا ۔ عمران خان کي به آڻڻ وارن وقت کان اڳي اقتدار کان الڳ ڪري ڇڏيو ۔ عمران خان کي اها اميد ئي نه هئي ته مونکي وقت کان اڳي اقتدار کان الڳ ڪيو ويندو هو ته اڃا به 10 سالن جو پروگرام ٺاهيو ويٺو هو ۔ پر دنيا ڏٺو جي حضوري جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙيندڙ عمران خان کي اقتدار تان لاهي مٿس ڪئي ڪيس داخل ڪيا ويا ۔ اڄ هو جيل ۾ پيو آهي ۔ .

پاڪستان جا سياست ۾ هن وقت به بي يقيني واري صورتحال ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ۔ هونئن ڏٺو وڃي ته هن وقت پاڪستاني سياست ۾ جيڪي اشوز هلن پيا انهن ۾ 28 هين ترميم آڻڻ ۔ نوان صوبا ٺاهڻ ۔ صوبائي خودمختياري ختم ڪرڻ ۔ ۽ ڪجهھ ٻين معامرن تي ماحول ٺاهيو پيو وڃي ۔ ٻئي پاسي عمران خان بابت انڊين ۽ افغان ميڊيا تي عمران خان بابت افواھ هلايا پيا وڃن ته هو جيل ۾ وفات ڪر ي ويو آهي ۔ پي ٽي آئي عمران خان وارين افواهن تي احتجاج ڪري رهي آهي ۔  نوان صوبا ٺاهڻ واري امڪان خلاف سنڌ جون قوم پرست ۔ مذھبي  پارٽيون ۔ وڪيل ۔ سول سوسائٽي پاران احتجاج شروع ڪيا ويا آهن ۔ سنڌ جي ڀيٽ ۾ ٻين صوبن ۾ اڃا صوبن بابت ڪو رد عمل نه آيو آهي پر سنڌ ۾ رد عمل اچڻ شروع ٿي ويو آهي ۔ جتي صوبن وارو اشو مٿان عمران خان جون ملاقاتون بند هجڻ ۔ 28 هين ترميم جي بازگشت ۔ صوبائي خودمختياري جي خاتمي جون ڳالهيون هلن پيون اتي ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پيئي وٺي ۔

هن وقت ملڪ کي ايڪي ٻڌي قوم کي جوڙي رکڻ جي ضرورت آهي ۔ پر ملڪ ۾ روز نوان شوشا ڇڏي بي يقيني واري صورتحال پيدا ڪرڻ جي خبر نه آهي ڇو ڪوشش ڪئي پيئي وڃي ۔ سياستدان ملڪي سالميت جو سوچڻ بجائي هڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ ۾ مصروف آهن ۔ ميڊيا خاص طور تي يوٽبرز ۽ سوشل ميڊيا تي ته اهڙا خيال ڏيکاريا پيا وڃن ته هي حڪومت وڃڻ واري آهي ۔ پ پ پ کي حڪومت کان الڳ ڪري ڇڏيندا ۔ بلاول ڀٽو زرداري مخالف ڌر جو اڳواڻ ٿيندو ۔ 2026 ۾ عام چونڊون ٿي سگهن ٿيون ۔ 36 نوان يونٽ يا صوبا ٺهندا ۔ پاڪستان ۾ چائنا ماڊل حڪومت قائم ڪئي ويندي وغيرا ۔ انهن افواهن عام ماڻهو کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي ۔ غريب ماڻهو مهانگائي جي چڪي ۾ پيو پسجي ۽ هن ملڪ ۾ نوان فارمولا ڏنا پيا وڃن اهو ڪير به نٿو ٻڌائي ته ملڪ مان مهانگائي ڪينئن ختم ٿيندي ۔ باروزگاري ۔ ڪرپشن ۔ رشوت خوري ۔ سماجي برائيون ڪينئن ختم ٿينديون ۔ .

پنهنجو خيال آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت کي رواني سان هلڻ جو موقعو ملي ته ملڪ اڳتي وڌي سگهي ٿو.  ملڪ ۾ نون صوبن ٺاهڻ ۔ صوبائي خودمختياري ختم ڪرڻ سان ملڪ ۾ افرا تفري وڌڻ کان سوائي ٻيو ڪجھ به هڙ حاصل نه ٿيندو ۔ ملڪ جا ٻه صوبا اڳ ئي ٻريا پيا آهن مٿان ڪي اهڙا غلط فيصلا ڪيا ويا ته ملڪ اڃا بحرانن ۾ وڪوڙبو ان جو فائدو نه ٿيندو ۔ ملڪ ۾ جيڪا افواهن جي فيڪٽري کوليافواهه پکڙيا پيا وڃن اهڙين افواھ ساز فيڪٽرين کي بند ٿيڻ گهرجي ميڊيا جا ادارا به ملڪ ۾ ٻڌي ايڪي بابت ماحول ٺاهين نه ڪي چينلن تي ويهي نون صوبن ٺاهڻ انهن جا فائدا بيان ڪرڻ ۔ صوبائي خودمختياري ختم ڪرڻ جا فائدا بيان ڪرڻ ۽ راھ هموار ڪرڻ کان پاسو ڪن ۔ حڪمران عوام سان جيڪي وعدا ڪري اقتدار جي ڪرسي تي ويٺا آهن اهي واعدا پورا ڪن ته ملڪ ترقي ڏانهن قدم ڀرڻ شروع ڪري ڇڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.