ٺٽي جون نياڻيون  جيڪي مستقبل جو نقشو بدلائي رهيون آهن

تحرير: ماريا اسماعيل

عورت اڌ سنڌ آهي، ۽ عورت جي سماجي، معاشي ۽ تعليمي بهتري بنا سنڌ جي ترقي ممڪن ئي ناهي. اهو ڪنهن تقرير جو نعرو نه پر حقيقت آھي. موجوده دور ۾ عورتن جو معاشي طور مضبوط ۽ خودڪفيل ٿيڻ سنڌي سماج لاءِ وڏي ضرورت بڻجي چڪو آهي. شهر هجي يا ڳوٺ  سنڌ جي عورت هر هنڌ معيشت جو اهم انگ آهي.

اسين هتي ضلعي ٺٽي جي هڪ اهڙي حيرت انگيز سفر جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون ، جيڪي سرسو ۽ جي ايم آءِ جي سهڪار سان ممڪن ٿيو. ٺٽي  جي يونين ڪائونسل چنڊچتو ۾ موجود هڪ ماڊل ڳوٺ لاکو ڀنيروجيڪو لڳ ڀڳ 90 گهرن ۽ 900 جي آبادي تي ٻڌل ننڍڙو ڳوٺ آهي جيڪو پنهنجي ترقي، جدوجهد ۽ تبديل ٿيندڙ سوچ سبب هڪ مثال بڻجي چڪو آهي۔ هن ڳوٺ جا باهمت ماڻهو مشڪلاتن جي باوجود پنهنجن خوابن ڏانهن اڳيان وڌي رهيا آهن. جتي اسڪول گهٽ، ٽرانسپورٽ جا معاملا  ۽ وسيلن جي شديد کوٽ آهي، اتي به نوجوان ڇوڪرا ، ڇوڪريون  ۽ عورتون پنهنجي زندگي بدلائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن.

انهن مان هڪ نالو ثريا لاشاري جو آهي. سمندري پٽي جي اها ڌي، جنهن سڪل رستن ۾ به اميد پوکي ڇڏي آهي ثريا ٻڌائي ٿي ته اسان جي ڳوٺ ۾ رڳو پرائمري اسڪول آهي. مون پنهنجي ڀاءُ سان گڏ پنجين تائين پڙهائي ڪئي. ميٽرڪ لاءِ روزانو ٺٽي وڃڻو پوندو هو۔ثريا جو پيءُ ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو آهي. سندس گهٽ آمدني سان ئي هن ٻارڙن جي تعليم به هلندي رهي ۽ گهر جو چولو به ٻرندو رهيو. ثريا ٻڌائي ٿي ته رشتيدار روڪيندا هئا، مذاق ڪندا هئا، پر منهنجي بابا ٻڌائي ڇڏيو هوته مان سڀ رشتا ڇڏي سگهان ٿو، پر ڌيءَ جي تعليم نٿو روڪي سگهان.پر پوءِ ڏکيو  وقت آيو. 2022ع جو خوفناڪ ٻوڏآئي ، جنهن گهر کي اجاڙي ڇڏيو. اسڪول بندٿي ويا  ۽ زندگي درهم برهم ٿي وئي . انهي وقت ۾ ثريا جو وڏو ڀاءُ اوچتو لاڏاڻو ڪري ويو، ۽ تعليم ٽي سال رڪجي وئي.

ثريا چوي ٿي ته پر مون هار نه مڃي. ڳوٺ جي ٻارن کي پڙهائڻ شروع ڪيو. سرسو ۽ ٻين تنظيمن سان ڪم ڪندڙ عورتن مونکي همٿايو. پوءِ مون ڪاليج ۾ پرائيويٽ داخلا وٺي ڇڏي. اڄ ثريا جو خواب بلڪل صاف آهي. مون کي ڊاڪٽر بڻجڻو آهي ۽ پنهنجي ماڻهن جو علاج ڪرڻو آهي. ثريا کي ڏسي اڄ ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ثريا پڙهي سگهي ٿي، ته اسان جون ٻيون ڇوڪريون ڇو نٿيون پڙهي سگهن؟ لاکو ڀنيرو جا ٻار ڪو پوليس آفيسر بڻجڻ ٿو چاهي ته علائقي مان ڏوهن جو خاتمو ڪري.ڪو ڊاڪٽر بڻجڻ ٿو چاهي ته ڳوٺ جي مريضن کي علاج ملي.ڪو استاد بڻجي علم جي لاٽ ٻاري ٿو.اهي خواب ثابت ڪن ٿا ته محرومي انهن دلين مان اميد نه کسي سگهي آهي. لاکو ڀنيرو ۾ رڳو پرائمري اسڪول آهي.سيڪنڊري ۽ ميٽرڪ لاءِ 15 ڪلوميٽر پري ٺٽي وڃڻو پوي ٿو. ٽرانسپورٽ جا معاملا موجود آهي. ڪرائي مهانگوآهي ۽ رستو ڏکيو آهي. انهن سببن ڪري ڪيترائي والدين پنجين کانپوءِ ڇوڪريون اسڪول موڪلڻ بند ڪري ڇڏين ٿا.

هتي عورتون هٿ جي هنر جو  ڪم ڪري پنهنجي گهرن جو سهارو بڻيل آهن.ان علائقي ۾ رليون،سينگار جا سامان. ڪپڙن تي ڪم،شادي جا مڪمل سيٽ، سلائي، ڪڙهائي ڪئي ويندي آهي. عورتن جو چوڻ آهي ته هي ڪم ته اڳ به ڪندا هئاسين، پر گذريل پنجن سالن ۾ آمدني گهڻي وڌي آهي. هاڻي گهر به هلندو آهي ۽ ٻار به پڙهن ٿا. عورتن جي اوسط آمدني 10 هزار کان 18 هزار رپيا ماهوار آهي، جيڪو هن پٺتي پيل علائقي لاءِ وڏو سهارو آهي. اهي عوروتن  معذرو به آهن جيڪي پنهنجي ٻارڙن جي لاءِ روزي جو ڪم رهيون آهن. لاکو ڀنيرو ۾ فش فارمنگ وڌي رهي آهي. هتي تلائن ۾ هي مڇيون عام آهن. ٽلاپيا، ڪيٽ فش ۽ روهوسميت ڪتيرن قسم جون مڇيون ملنديون آهن. عورتون مردن سان گڏ تلاءَ سنڀالين ٿيون، کاڌ خوراڪ ڏين ٿيون، وزن چيڪ ڪن ٿيون ۽ وڪرو تائين جو ڪم ڪن ٿيون. گهرن ۾ عام طور تي ڳئون، مينهون، ٻڪريون پالين ٿا. گهر جي استعمال کانسواءِ بچيل کير عورتون وڪرو ڪن ٿيون، جنهن سان سندن هٿ ۾ اضافي آمدني اچي ٿي. هي معاشي خودمختياري عورتن ۾ اعتماد وڌائي رهي آهي.

سرسو جي سي او ذوالفقار ڪلهوڙي جو چوڻ آهي  ته هي هڪ ماڊل ڳوٺ آهي. شروع ۾ عورتون نه اينديون هيون، چونديون هيون ته اسان لاءِ ڇا آهي؟ پوءِ جڏهن ڏٺائون ته اسان عملي سهڪار ڪري رهيا آهيون ته پاڻ اچي ويٺيون. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان سروي ڪري معلوم ڪندا آيون ته ڪهڙي ضرورت مند آهي پوءِ بنا وياج قرضو ڏيندا آهيون. اسان وٽ 25 هزار ماڻهو رجسٽرڊ آهن.روزانو 30 هزار عورتن کي آگاھي ڏيندا آهيون. حڪومت سڀني کي سرڪاري نوڪري نٿي ڏئي سگهي، پر اسان جا بنا وياج قرض انهن عورتن جا مالي مسئلا حل ڪن ٿا. اسان وٽ 20 ڪروڙ رپيا 2 هزار ماڻهن لاءِ مخصوص آهن،۽ وصڳلي 99٪ آهي. جڏهن ته  جي ايم آءِ جي شينا فراز چوي ٿي ته انهن ڇوڪرين ۽ عورتن  جو حوصلو ڏسي لڳي ٿو ته ملڪ جو مستقبل انهن ئي هٿن ۾ هوندو.”عورتون چئي رهيون هيون ته اسان بينڪ مان قرض وٺندا هئاسين ته وياج به ڏيڻو پوندو هو،پر سرسو جو بنا وياج قرض اسان لاءِ الله جي رحمت بڻجي آيو.هاڻي اسان آسانيءَ سان قرض واپس ڪندا آهيون.

ثريا لاشاري ۽ لکين اهڙيون عورتون ثابت ڪري رهيون آهن.جيڪڏهن عورت پڙهيل لکيل هجي، ته سڄو ڳوٺ بدلجي ويندو.انهن ٻارن مان ئي سڀاڻي جو پوليس آفيسرآهي. انهن ڇوڪرين مان ئي سڀاڻي جي ڊاڪٽرآهي .۽ انهن ئي هٿن مان سڀاڻي جو ڪو اڳواڻ نڪرندو۔هي رڳو هڪ ڪهاڻي نه آهي .هي سنڌ جي روشن مستقبل جو چهرو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.