عوامي اشوز کان وانجهيل پارليامينٽ

منظور کوسو

ڪافي وقت کان پارليامينٽ توڙي صوبائي اسيمبلين ۾ وڏي گهماگهمي ۽ هل هنگامو لڳو پيو آهي پرجيڪڏهن جائزو ورتو وڃي ته ان هل هنگامي ۾ ڪا هڪ ڳالھه به اهڙي ناهي جيڪا عوام جي مفادن وٽان هجي. ماڻهن سياستدانن ۾ جيڪي اميدون رکي انهن کي چونڊي اسيمبلين ۾ موڪليو ڪا هڪ اميد به انهن جي پوري نه ٿي ۽ هر ڀيري ماڻهن سان ائين ئي ٿيو آهي. عوام جي فلاح لاءِ ته نه ڪا قانون سازي نه ڪا ترميم پر ها جتي پنهنجن مفادن جو مسئلو هجي ته پوءِ ڪا ويرم ئي نه لڳندي، اتفاق راءِ به ٿي ويندا ته ڪورم به پورو ٿي ويندو ۽ قانون به ٺهي ويندا.

هڪ حقيقت پڌري پٽ پئي آهي ته عوام جي حقيقي مسئلن طرف ڪڏهن به گهربل ڌيان نه ڏنو ويو آهي. اسانجي پارليامينٽ، قانون ۽ اهم ادارا سڀ سياست جي چوگرد پيا ڦرن ۽ سياست سياستدانن جي ذاتي مسئلن ۽ مفادن جو محور بڻيل آهي. بنا وڌاءُ جي چئي سگهون ٿا ته ڪي ورهيه گذري ويا ملڪ ۾ عوامي اشوز تي ٿيندڙ سياست جو خاتمو ٿي چڪو آهي. پارلياماني سياست اشرافيه جي مٺ ۾ بند آهي جنهن مان هو پنهنجا مفاد ماڻين ٿا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جنهن سياست جي ديوي کي محلاتن جي چوديواري مان ڪڍي گهٽين، روڊن، رستن، واهڻن ۽ چوپالن تي سرعام بحث جو موضوع بڻايو هو ۽ عام ماڻهوءَ کي ملڪي حالتن ۽ پنهنجن مسئلن تي ڳالهائڻ جو شعور بخشيو ان جي شهادت کانپوءِ سياست وري يرغمال ٿي وئي ۽ سياستدانن سياست کي پنهنجن مفادن جي تابع ڪري ڇڏيو. هن وقت ملڪي سياست جو تقريبن اهو حال آهي۔سڄي ملڪ جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ مان ويندي اسيمبلين تائين ڪٿان به عوام جي اهم اشوز تي ڪا دانهن ڪوڪ ٻڌجڻ ۾ ڪونه پئي اچي. عوام جي ووٽن ذريعي حڪومتون منتخب ٿينديون رهيون هر ڪو پنهنجو وارو وڄائيندو رهيو پر ماڻهن جي حالتن ۾ ڪا تبديلي نه آئي.سرونسٽن چرچل ٻي مهاڀاري لڙائي دوران ۽ ان کانپوءِ برطانيه جو وزيراعظم ٿي رهيو هن چيو ته ”جمهوريت بدترين نظام حڪومت آهي پر انهن نظامن کان بهتر آهي جيڪي اڄ ڏينهن تائين آزمايا ويا آهن“ ۽ جنهن نظام کي چرچل بدترين چيو ڏسو ته اڄ ان نظام جي ڪري برطانيه سڄي دنيا ۾ فلاحي رياست جو هڪ مثال آهي.

پاڪستان ۾ به هميشه جمهوريت جا ڳڻ ڳايا ويا آهن پر اسان ڏسون ٿا ته ڪن سببن جي ڪري جمهوريت جا ثمرات عام ماڻهن کي نه ملڻ جي برابر مليا آهن سڄو فائدو هڪ مخصوص طبقي کي ملندو رهيو آهي. ڪاڪي وريام ۽ ماسي گلان کي اڄ کان پنجاهه سال پهرين جنهن حال ۾ ڏٺوسين اڄ به ساڳي حال ۾ آهن ڪا تبديلي ڪين آئي پر اڃان ان کان به بدتر حال اٿن! برسات ۾ ڇھه ڏينهن ٽمندڙ ڇنو سندن ڇت، نه تن تي ڪپڙو نه پيٽ ڀري ماني، نه امن نه انصاف،نه ٻچڙن کي تعليم ۽ روزگار نه ئي صحت جون سهولتون،ڪلاڪن جا ڪلاڪ سرڪاري اسپتالن جي لائين ۾ لڳي پرچي ڪٽائڻ کان پوءِ او پي ڊي جا ڌڪا ٿاٻا ۽ دڙڪا کائي ڊاڪٽر وٽ پهچڻ کانپوءِ دوائن جو هڪ وڏو چٺو هٿن ۾!!مرض مان بچي ويو ته واهه واهه ٿي ويندي نه ته ميت چنگچين تي گهلجي ڳوٺ رواني ٿيندس،يعني ڄمڻ کان مرڻ تائين ڌڪا ٿاٻا کائي مقروض ٿي لحد ۾ لهڻ تائين تڪليفون سندن مقدر ۾ آهن. سرڪاري اسپتالن جا اهي حال آهن ته نه دوائون نه وقت تي ڊاڪٽر!! هڪ شهر ۾ ڊسٽرڪٽ ٽيچنگ سول اسپتال جي سامهون خانگي ميڊيڪل سينٽر جي ٽه عمارت ڏٺم جن جاخرچ ايڏا جو مريض گروي ٿيو وڃن ماڻهن جا گهرگهاٽ،مال مويشي به وڪرو ٿيو وڃن پوءِ به خانگي اسپتالن جا بل ادا ٿي نه سگهن۔حڪومت طرفان ڪوبه چيڪ اينڊ بئلنس ڪين آهي جنهن کي جيئن وڻي تيئن پيا ماڻهن جي کل لاهين۔اڄ ڪالھ تعليم ۽ صحت هڪ منافع بخش ڪاروبار ٿي پيا آهن، ماڻهن جو وڏو مسئلو جنهن طرف بنهه گهٽ ڌيان ڏنو وڃي ٿو سو بيروزگاري آهي، جنهن ڪري مفلسي پنهنجي عروج تي آهي۔شيون ۽ ضرورتون آسمان سان پيون ڳالهيون ڪن ۽ ماڻهو ويچارا هٿين خالي!!

هنن نهايت ئي ڳڻتي جوڳين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسيمبلين ۾ بحث مباحثو ڪنهن ڪين ٻڌو هوندو!! قومي ليبر فورس جي هڪ تازي سروي موجب پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح 7.1 في سيڪڙو تائين وڃي پهتي آهي. 2024-25 جي هڪ سروي موجب گذريل پنجن سالن ۾ بيروزگاري جي شرح ۾ 0.8 في سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ملڪ ۾ هن وقت 80 لک ماڻهو بيروزگار آهن. جڏهن ته هن کان اڳ جولائي 2025 ۾ نامياري ماهر معيشيت حفيظ  اي پاشا انڪشاف ڪيو هو ته پاڪستان ۾ بيروزگاري 22 في سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي هن وڌيڪ ٻڌايو ته مردن ۾ بيروزگاري جي شرح 30 في سيڪڙو ۽ عورتن ۾ 18 في سيڪڙو آهي. 15 کان 24 سال جي عمر جا 2 ڪروڙ کان وڌيڪ نوجوان بيروزگار آهن. بهرحال مختلف انگ اکر آهن پر سرڪاري انگ اکر ٻڌائين ٿا ته 38 لک مرد ۽ 21 لک ڪم لائق عورتون بيروزگار آهن. پر ڪاليجن يونيورسٽين کان هر سال فارغ ٿيندڙ نوجوانن ۽ زندگي جي ٻين شعبن ڏانهن نظر ڪنداسين ته بيروزگاري جا تمام تشويشناڪ انگ اکر نظر ايندا. گورنمينٽ سيڪٽر ۾ اقربا پروري، سفارش، رشوت ستاني جهڙين قبيح رسمن جي ڪري ميرٽ جو قتل عام سالن کان جاري آهي جنهن جو ڪوبه سدباب نه ٿو ٿئي هر نئين سج نوجوانن سان نئون ظلم پيو ٿئي جنهن ڪري انهن ۾ مايوسي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. ماڻهن جي لاءِ اٽي لٽي اجهي ۽ روزگار جي فراهمي جهڙا بنيادي حق فراهم ڪرڻ رياست جو فرض آهي پر ورهين کان بيروزگاري جي سيلاب ماڻهن جو ذهن مفلوج ڪري ڇڏيو آهي۔ان اهم مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ڪي خاص پاليسيون جوڙڻ گهرجن. گهڻو ڪجھه ٿي چڪو هاڻي سياست جو رخ عام ماڻهن جي ڀلائي طرف مڙڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.