ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي علائقي عظيم ٽائون جي رهواسي 09 ورهين جي معصوم نينگر محمد ريحان کي پاڙي جي مسجد جي مولوي پاران بدفعلي جو نشانو بڻائو ويو، مولوي پاران معصوم نينگر سان بدفعلي ڪرڻ جي ڳالھ گھر وارن سان ڪرڻ تي وارثن پاران مولوي خلاف تعلقي ٿاڻي سان رجوع ڪرڻ تي پوليس معصوم نينگر محمد ريحان جي چاچي سلمان ارشدي جي فرياد تي مولوي محمد يوسف خلاف ڪيس درج ڪيو ويو، فريادي موجب مولوي محمد يوسف محمد ريحان جٽ کي چيو ته ٻانگ ٿي وئي آهي نماز جو ٽائم ويجھو آهي هلو ته نماز پڙهي اچون، ڀائٽي کي موٽرسائيڪل تي ويهاري گڏ کڻي ويو، ٻئي ڏينهن ڀائٽي ٻڌايو ته مولوي کيس پنهنجي گھر وٺي وڃڻ بعد مون سان بدفعلي ڪئي آهي، نينگر ريحان جٽ موجب مولوي کيس پنهنجي گھر وٺي وڃڻ بعد ننڍي ڀاءُ کي گھر کان ٻاهر بيهاري مون کي گھر اندر وٺي وڃڻ بعد بدفعلي جو نشانو بڻايو ۽ 100 روپيا خرچي ڏئي چيائين ڪنهن سان ڳالھ نه ڪجان، پوليس مولوي خلاف ڪيس داخل ڪري مولوي کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڏني، علائقي ۾ چوٻول آهن ته مولوي پاران اڳ به 06 کان وڌيڪ ٻارن کي بدفعلي جو نشانو بڻائي چڪو آهي پر وارث بدنامي جي ڊپ کان سامهون نه آيا آهن.