جيڪب آباد ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل

جيڪب آباد (ڊ ر) پوليس اسٽيشن پنھور سنھڙي  جي حد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مقدم بلند خان نندواڻي زخمي سندس پٽ شبير احمد نندواڻي قتل ٿي ويو، پوليس اسٽيشن پنھور سنھڙي جي حد ۾ ڳوٺ محمد رمضان جکراڻي جي آمھون سامھون نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ مقدم بلند خان نندواڻي زخمي ۽ شبير احمد نندواڻي قتل ٿي ويو، مقتول جي وارثن موجب ھي واقعو ڪارو ڪاري جي سبب پيش آيو آهي، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي سرڪاري اسپتال  صحبت پور پهچايو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن ته زخمي کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو وڌيڪ حد جي پوليس  جاچ ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.