سال ۾ کنڊ 98 رپيا مهانگي،ڪمند اگهه ٽن سالن کان ساڳيو!

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)سينئر صحافي زاهد گشڪوري ٽوئيٽ ڪيو آهي ته هڪ سال ۾ کنڊ 98 رُپيا في ڪلوگرام مهانگي ٿي وئي. شگر مل مالڪن ۽ سٽي مافيا 60 لک ٽن مهانگي کنڊ وڪرو ڪري عوام جي کيسي مان 150 ارب رُپيا لُٽي ورتا. نه ڪا جاچ ٿي، نه ڪو ايڪشن، ۽ ٿيندو به نه، ڇو⁠ ته  سڌي يا اڻ سڌي طرح 34 مل مالڪ پاڻ  حڪومت جو حصو آهن، جن ۾ وزيراعظم ۽ صدرِ پاڪستان به شامل آهن،هن لکيو ته  کي اڃا تائين اُنهي وقت وارو ڪمند جو اگهه ڏنو پيو وڃي جيڪو ٽي سال اڳ هو، جڏهن کنڊ صرف 91 رُپيا في ڪلو هئي،هي سراسر ظلم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.