نون صوبن جي قيام ۽ سنڌ جي ورهاست بابت افواهن تي پريشان نه ٿيڻ گهرجي:مراد شاهه

سيوهڻ/ ڀان سيد آباد (نمائندن وٽان) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ نون صوبن جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، وفاق ۾ پ پ ، ن ليگ اتحاد برقرار رهندو، 28 ترميم سامهون آئي ته ڏسنداسين، کنڊ جي وڌندڙ قيمتن تي ڳڻتي آهي، سيوهڻ ۽ ڀان سيد آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته خبر ناهي ڇو ايم ڪيو ايم جي نون صوبن واري ڳالهه کي ايڏو سنجيده ورتو پيو وڃي، ايڏي پريشاني ڇو ٿي محسوس  ڪئي وڃي، ڇا توهان مان ڪو هڪ به ماڻهو اهو چاهي ٿو ته سنڌ کي ورهايو وڃي، جيڪڏهن نه ته پوءِ پريشاني ڪهڙي ڳالهه جي آهي، سنڌ ۾ نون صوبن جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، وفاق ۾ ن ليگ کي سادي اڪثريت حاصل ٿيڻ بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اليڪشن کانپوءِ پ پ ۽ ن ليگ ۾ اتحاد ٿيو هو، جيڪو گڏيل انڊر اسٽينڊنگ سان جاري آهي، مون کي نه ٿو لڳي ته پ پ يا ن ليگ اتحاد کان منهن موڙينديون، 28 هين آئيني ترميم جي حمايت يا مخالفت بابت سوال تي وڏي وزير چيو ته ان بابت ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو، 28 هين آئيني ترميم جو معاملو سامهون آيو ته پوءِ ڏسنداسين، پ پ سنڌ ۽ پاڪستان جي مفادن خلاف ڪابه ڳالهه برداشت نه ڪندي، سنڌ جي گورنر جي تبديليءَ جي حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته نئون گورنر مقرر ڪرڻ وزيراعظم ۽ صدر جو اختيار آهي، وزير اعظم جي سفارش سان صدر نئون گورنر مقرر ڪري سگهي ٿو، ان ۾ ٻئي ڪنهن جو به ڪردار ناهي، کنڊ جي اگهن واڌ متعلق سوال جي جواب ۾ هن چيو ته کنڊ جي وڌندڙ قيمت تي ڳڻتي آهي، مون چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته کنڊ جي قيمتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، ڪوشش آهي ته کنڊ جي قيمتن تي ڪنٽرول ٿئي ۽ ڪمند جي آبادگارن کي به مناسب اگهه ملي، هڪ کان 4 گريڊ جي نوڪرين متعلق سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته جن ضلعن ۾ ڪم مڪمل ٿي ويو آهي اتي ايندڙ هفتي هڪ کان چار گريڊ واريون نوڪريون ملي وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.