حيدراباد: ٻارن لاءِ شاھ لطيف جو ميلو ۾ مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن جو ٻارن ٽيبلو، بيت بازي جي مقابلي جي سرگرمين ۾ حصو، بيت ۽ ٻالڪ سر منڊل(موسيقي) پيش ڪئي وئي. جنهن ۾ ٻالڪ فنڪارن جانب سومري، راحت بڙدي، مهرالنساء، حليمان چانڊيو ۽ ٻين ٻارن گيت ٻڌايا جڏهن ته مختلف اسڪولن جي ٻارن ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا. ٻارن لاءِ شاھ لطيف جو ميلو سڀاڻي تائين جاري رهندو.