باخبر قيادت، قومي ٻڌي ۽ مضبوط پاليسي ٺاهڻ ضروري آهي:صدر زرداري

اسلام آباد (بيورو) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ باخبر قيادت، قومي ٻڌي ۽ مضبوط پاليسي سازي ضروري آهي. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي، اسلام آباد ۾ 27 هين قومي سلامتي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي، هن ورڪشاپ جي ڪاميابي تي شرڪت ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني ۽ قومي سلامتي لاءِ انهن جي محنت جي ساراهه ڪئي. تقريب جي پڄاڻي تي صدر گريجوئيٽس ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا. انٽر سروسز  پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جي مطابق، ورڪشاپ جو مقصد شرڪت ڪندڙن کي قومي طاقت جي مختلف عنصرن جي گڏيل لاڳاپي ۽ هڪ جامع قومي سلامتي جي فريم ورڪ جي سمجھ کي مضبوط ڪرڻ ۽ قومي سطح تي ڳالهين کي هٿي ڏيڻ هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.