عوام پيپلز پارٽي جو اصل وارث آهي:شيري رحمان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته عوام پيپلز پارٽي جو اصل وارث آهي جن ڀٽو  ۽ بينظير جي مشن کي جيئرو رکيو. اسلام آباد ۾ پارٽي جي 58 هين يوم تاسيس جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڍاڪا جي زوال کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو قوم کي متحد رکيو ۽ هڪ متحد آئين ڏئي ملڪ کي مضبوط بنياد فراهم ڪيو. شيري رحمان چيو ته پيپلز پارٽي هميشه سياست، جمهوريت ۽ عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. هن چيو ته پارٽي ايٽمي پروگرام جو بنياد، زرعي سڌارا، آزاد پرڏيهي پاليسي ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي جهڙا تاريخي قدم کنيا. بنيادي حقن جي فراهمي ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پارٽي جون ذڪر جوڳيون ڪاميابيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.